بيجنگ – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي دوري جي لاءِ بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ پهچڻ تي سندس شاندار ا??تق??ال ڪيو ويو. چين جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير وانگ زو گانگ، پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ ۽ اعليٰ عملدارن سندس آجيان ڪئي. چين جي فنڪارن روايتي رقص سان نگران وزيراعظم جو ا??تق??ال ڪيو. نگران وزيراعظم کي گلدستو پيش ڪيو ويو. پاڪستان ۽ چين جا قومي ترانا وڄايا ويا. نگران وزيراعظم پنهنج?? چين جي دوري دوران 17 ۽ 18 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ ٽئين عالمي تعاون بابت بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) ۾ ??رڪت ڪندو. بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي نگران وزيراعظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت گذريل 10 سالن ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪاميابين سان گڏوگڏ م??تق??ل جي هدفن ۽ ان جي اهم منصوبي تي پاڪستان جي ڀرپور تعاون جو ورجاءُ ڪندو. نگران وزيراعظم بي آر ايف جي افتتاحي تقريب ۾ ??رڪت کانسواءِ 18 آڪٽوبر تي عالمي معيشت ۾ مواصلاتي رابطن جي موضوع تي منعقد اعليٰ سطحي فورم کي خط??ب ڪندو. نگران وزيراعظم ج?? چين ۾ چيني صدر شي جن پنگ، وزيراعظم ل?? چيانگ ۽ سي پي سي سينٽرل ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر لي شي سان ملاقات سان گڏوگڏ اعليٰ چيني قيادت ۽ فورم ۾ ??ريڪ ٻين ملڪن جي سربراهن سان پڻ ملاقات ٿيندي. نگران وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ چين ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان پڻ ملاقاتون ڪندو. سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ نگران وزيراعظم ارومچي جو دورو ڪندو جتي نگران وزيراعظم اتان جي مقامي اڳواڻن ۽ ڪاروباري شخصي??ن سان ملاقاتون ڪندو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو چين جي دوري تي بيجنگ پهچڻ تي شاندار استقبال
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ