اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضي?? سولنگي پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ميڊيا، ڊرامي، فلمز، گڏيل پروڊڪشنز ۽ تربيتي پروگرامز سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت ت?? زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل هدفن جون راهون ڳولڻ پاڪستان جي بزنس ڪميونٽي ۽ عوام جي دل جو آواز آهي، ا??ان کي يقين آهي ته ا??ان جا گڏيل لاڳاپا بدلجندڙ گهرجن م??جب شاندار مستقبل طرف وڌندا رهندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن م??اقات جي لاءِ آيل روس جي سفير دانيلا گينيچ ??ان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ روس جي اطلاعات واري وزير جي پاڪستان جي دوري جي حوالي ??ان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته روس جي اطلاعات واري وزير کي پاڪستان جي دوري جي باضابطا دعوت ڏني ويندي. ملاقات ۾ روس جي اطلاعات واري وزير جي دوري جي موقعي تي اي پي پي ۽ طاس نيوز ايجنسي، پي ٽي وي ۽ روسي ٽيليويزن ۽ روسي ريڊيو ۽ ريڊيو پاڪستان جي وچ ۾ ممڪن معاهدن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي رابطن، سلامتي، معيشت، تعليم، ثقافت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ميڊيا، ڊرامي، فلمز، گڏيل پروڊڪشنز ۽ تربيتي پروگرامز سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان روس ??ان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه ??ان ڏسي ٿو، پاڪستان روس ??ان ميڊيا، ڊرامي، فلمز جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس جي سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ۾ تقريب م??عق?? ڪرڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل رابطن جو سلسلو ڊگهي عرصي تي ٻڌل آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل هدفن جون راهون ڳولڻ پاڪستان جي بزنس ڪميونٽي ۽ عوام جي دل جو آواز آهي. هن چيو ته ا??ان کي يقين آهي ته ا??ان جا گڏيل لاڳاپا بدلجندڙ گهرجن م??جب شاندار مستقبل طرف وڌندا رهندا. ان م??قعي تي روس جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ميڊيا سميت زندگي جي هر شعبي ۾ تعاون م??جود آهي. روس پاڪستان ??ان ميڊيا سميت زندگي جي ٻين شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي. روس ۾ پاڪستاني ڊرامن کي تمام گهڻي مقبوليت حاصل آهي.
پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ميڊيا، ڊرامي، فلمز، گڏيل پروڊڪشنز ۽ تربيتي پروگرامز سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ