گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت بلتست??ن جي معاشي بحالي جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ??ڪو??تي ??بسڊي تي ڀاڙڻ بدران مقامي پوکيءَ جوڳي زمين کي استعمال ۾ آڻي ڀاڻڀرائپ تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته گلگت بلتست??ن جي گهڻن مسئلن جو حل علائقي ۾ سيڙپڪاري سان واڳيل آهي، شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي، مذهب جي نالي تي ??نتشار پکيڙڻ ناقابل برداشت آهي ۽ اهڙن عنصرن کي سختي ??ان منهن ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ لاڳپايل نگران وفاقي وزير، گلگت بلتستان ڪابينا جا ميمبر، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر موجود هئا. اجلاس ۾ گلگت بلتست??ن جي قيادت نگران وزيراعظم کي مختلف مسئلن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۾ ڪڻڪ جي پيداوار تي ??بسڊي جي فراهمي جو معاملو بحث هيٺ آيو. نگران وزيراعظم گلگت بلتستان کي وفاق پاران مڪمل تعاون جي خاط??ي ڪرائي. نگران وزيراعظم گلگت بلتست??ن جي قيادت کي ??ڪو??تي ??بسڊي تي ڀاڙڻ بدران پوکيءَ جوڳي زمين جي زرعي صلاحيت کي مڪمل طور تي ??ستعمال ۾ آڻي پاڻڀرائپ آڻڻ جي تلقين ڪئي. نگران وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي سمورن شعبن کي پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پاڻڀرائپ پيدا ڪرڻ طرف پنهنجو ڌيان ۽ توانائي ڏيڻي پوندي تڏهن ئي ملڪي معيشت بحالي جي رستي ??ي گامزن ٿيندي. گلگت بلتستان ڪابينا جي وزيرن نگران وزيراعظم کي گلگت ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ تجويزون ڏنيون. نگران وزيراعظم عملدارن کي گلگت بلتست??ن جي معاشي بحالي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته گلگت بلتست??ن جي گهڻن مسئلن جو حل علائقي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري سان واڳيل آهي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۾ فرقيواراڻي انتشار جي بنياد تي ??من ام??ن جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن جي شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي ۽ مذهب جي نالي تي ??نتشار پکيڙيندڙ عنصرن کي سختي ??ان منهن ڏنو ويندو.
گلگت بلتستان جي گهڻن مسئلن جو حل علائقي ۾ سيڙپڪاري سان واڳيل آهي، شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي، مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙڻ ناقابل برداشت آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea