اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپنين تي زور ڏنو آهي ته اهي گڏيل مشاورت ۽ هم آهنگي سان فصل ۽ زرعي مصنوعات کي انشورنس فراهم ڪرڻ جي لاءِ قابل اعتماد، مستنند ۽ پائيدار مصنوعات تيار ڪن جيڪي صارف دوست، عملدرآمد ۾ آسان ۽ خاص طور تي 12.5 ايڪڙ کان گهٽ زمين رکندڙ آبادگارن جي لاءِ پهچ جوڳيون هجن، وڏن زميندارن کي به انساني ساخته قدرتي آفتن ۽ غيرمتوقع موسمي نظام جي ڪري فصلن جي نقصانن کان بچڻ جي لاءِ انشورنس جي ??رورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ٽي پي ايل انشورنس پاران هڪ ميڊيا گروپ جي ??عاون سان منعقد سيمينار بعنوان ”جديد دور ۾ فصلن جي ??نشورنس جي ??هميت“ کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته زراعت جو جي ڊي پي ۾ حصو 50 سيڪڙو هو پر هاڻي اهو جي ڊي پي جو رڳو 23 سيڪڙو رهجي ويو آهي جنهن جي ڪري بدقسمتي سان پاليسي سازن جو ڌيان ان طرف نه وڃي رهيو آهي. هن چيو ته زراعت اڄ به معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي ??يثيت رکي ٿي ۽ ضروري آهي ته ملڪ جي لاءِ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ان شعبي کي سرڪاري ۽ نجي ??طح تي سرپرستي ۽ حمايت حاصل هجي ??يڪو رڳو انهي صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن آبادگارن کي انهن جي ??مينن جي ڪاٿي کان قطعي نظر انساني ساخته ۽ قدرتي آفتن جي منفي اثرن ۽ نقصانن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان وٽ سيٽلائيٽ اميجري جو هڪ تمام وسيع نظام موجود آهي جيڪو موسم جي مختلف رجحانن بابت مسلسل لاڳاپيل ڊيٽا تيار ڪري ٿو پر بدقسمتي سان ان جو صحيح تجزيو نه ڪيو ويو ته جيئن موسمي نظام ۾ لاهن چاڙهن جي ?? ڳڪٿي ڪري سگهجي ۽ آبادگارن کي غيرمتوقع برساتن يا ٻين قدرتي آفتن بابت آگاهي ڏئي سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سيٽلائيٽ ڊيٽا جو تجزيو ڪرڻ ۽ ان جي نتيجن کي هيٺئين سطح تي نتيجاخيز ۽ موثر طريقي سان تبديل ڪرڻ جي لاءِ بامعنيٰ قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن آبادگارن کي فصلن جي پوکيءَ جي نوعيت ۽ وقت بابت فيصلو ڪرڻ ۽ موسمي نظام ۾ ڦيرڦار جي منفي اثرن کان محفوظ رکڻ ۾ مدد ملي سگهي. هن چيو ته فصلن کانسواءِ چوپائي مالي، کير ۽ کير جي مصنوعات، گوشت، پولٽري ۽ فش فارمنگ وغيره جي لاءِ پڻ انشورنس پراڊڪٽس تيار ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته پنجاب حڪومت پاران عالمي بئنڪ جي ??عاون سان تيار ڪيل فصلن جي ??نشورنس اسڪيم جا نتيجاخيز نتيجا سامهون آيا آهن ته جيئن آبادگارن کي موسمياتي تبديلين يا ٻين آفتن سان ٿيندڙ نقصانن کان بچائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته ان ماڊل جو مطالعو ڪرڻ گهرجي ۽ نتيجن کي ملڪ جي ??اقي حصن ۾ متعارف ڪرائڻ گهرجي. هن انشورنس ڪمپنين تي زور ڏنو ته اهي اهڙي قابل اعتماد مصنوعات تيار ڪن جن سان آبادگار برادري جو فوري اعتماد ۽ تعاون حاصل ٿئي ۽ اهي ان کي آساني سا?? اختيار ڪن. هن ميڊيا جي ??مورن پليٽ فارمز يعني پرنٽ، اليڪٽرانڪ، سوشل ۽ سيلولر فارمز تي پي ٽي اي ميسيجنگ جي ??ريعي انشورنس مصنوعات کي فروغ ڏيڻ جي ??رورت تي زور ڏنو ته جيئن هيٺئين سطح تي انشورنس ۽ انهن سان واڳيل فائدن کي پهچائي سگهجي. صدر چيو ته ٻين ملڪن جي ??بتڙ پاڪستان ۾ سوشل انشورنس جو هڪ بهترين نظام موجود آهي جتي خاندان جا ماڻهو ۽ ويجها رشتيدار مختلف سببن جي ڪري نقصان کڻندڙ خاندان جي ٻين ماڻهن جي ??ل کولي مدد ڪن ٿا. هن انشورنس ڪمپنين تي زور ڏنو ته اهي ان شاندار سماجي ??نشورنس نظام جو مطالعو ڪن ۽ ان تصور تي ٻڌل مصنوعات تيار ڪن. هن چيو ته مسلمان هجڻ جي ناطي آبادگار صحتمند فصل پوکڻ جي لاءِ پنهنجي قسمت ۽ الله تعاليٰ جي فضل تي ڀروسو ڪن ٿا پر گڏ ئي حڪومت جو به فرض آهي ته اهي فصلن جي نقصان سان آبادگارن کي ٿيندڙ نقصان جي ??لافي ۾ مدد ڪري. هن ان ڳالهه کي ساراهيو ته حڪومت مالي مشڪلاتن جي ??اوجود ٻوڏ کان متاثر علائقن جي ماڻهن کي ڪن??ن حد تائين معاوضي جي ??دائيگي ڪئي آهي. هن حڪومت تي زور ڏنو ته اها سمورين ڌرين سان غور فڪر ۽ اتفاق راءِ جي ??ريعي ٻاهرئين حڪمتن کان حاصل ڪيل بجيٽ، قرضن ۽ مالي امداد جي وڌ کان وڌ استعمال جي لاءِ پاليسيون ۽ منصوبا تيار ڪري. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به پاليسي، منصوبابندي ۽ حڪمت عملي جي ڪاميابي جو اندازو ان جي ??اثير، صارف دوستي ۽ هدف شده آبادي تائين آساني سان پهچڻ جي ??لاحيت مان لڳايو وڃي ٿو. سيمينار کي خطاب ڪندي وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل چيو ته پاڪستان کي بدترين موسمياتي ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو جنهن سان زراعت جي ??عبي کي به نقصان پهتوآهي. فصل انشورنس جي ??هميت کي اجاگر ڪندي هن چيو ته فصلن جي ??نشورنس سان آبادگارن جي مالي نقصانن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اهڙي طرح جا سيمينار فصلن جي ??نشورنس بابت بيداري وڌائڻ جي لاءِ مددگار ثابت ٿين ٿا. ان موقعي تي پنجاب جي ??راعت واري اڳوڻي وزير سيد حسين جهانيان گرديزي چيو ته جيتوڻيڪ جي ڊي پي ۾ زراعت جو حصو گهٽ ٿيو آهي پر ان جي ??اوجود اسان کي غذائي تحفظ ۽ ملڪي معيشت جي ??هتري لاءِ ان شعبي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ??رورت آهي. هن چيو ته آبادگارن جي ??ڪثريت غذائي سطح تي زندگي گذاري رهي آهي تنهن ڪري قدرتي آفتن جي ??ورت ۾ فصلن جي ??نشورنس انهن کي نقصانن کان بچائڻ جو بهترين طريقو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته فصلن جي ??نشورنس کي اختيار ڪري زراعت جو شعبو پنهنجي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو. ٽي پي ايل انشورنس جي ??ي اي او محمد امين الدين چيو ته زراعت پاڪستان جي ??ي ڊي پي ۽ فوڊ سيڪيورٽي جو محور آهي ۽ انشورنس فصلن ۽ ماڻهن جي ??وزي روٽي کي تحفظ فراهم ڪري ٿو.
انشورنس ڪمپنيون زرعي مصنوعات کي انشورنس فراهم ڪرڻ جي لاءِ قابل اعتماد، مستنند ۽ پائيدار مصنوعات تيار ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب