اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته هن ڀيري اسان کي آزادي جو ڏهاڙو ان عزم سان ملهائڻ گهرجي ته ڪشميرين کي ڀارتي ظلم ۽ جارحيت کان ڇوٽڪارو ڏيار??ند??سين ۽ آخري دم تائين ڪشميرين جو ساٿ نه ڇڏ??ند??سين. 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چ??و ته استحصال ڏهاڙو ان ڳالهه جو گهرجائو آهي ته پاڪستان سميت سڄي عالمي برادري ڪشميرين جي ڀارتي ??لم?? مان جان ڇڏرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ۽ هن ڀيري اسان کي آزادي جو ڏهاڙو ان عزم سان ملهائڻو پوندو ته اسان مظلوم ڪشميرين جي ڀارتي ڏاڍ کان ڇوٽڪارو ڏيار??ند??سين ۽ آخري دم تائين ڪشميرين جو ساٿ نه ڇڏ??ند??سين ۽ نه ئي ڪنهن قرباني کان ڪيٻائ??ند??سين. هن چ??و ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪشميرين تي ڀارتي ??لم?? ۽ ڀارت جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مسلمانن ۽ ڪشميرين جي نسل ڪشي جو انسانيت جي ناطي نوٽيس وٺي. هن چ??و ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين سان رکيو ويندڙ اڻوڻندڙ سلوڪ تمام وڏو انساني الميو آهي ان تي عالمي ضمير کي جهنجهوڙڻ جي ضرورت آهي. هن چ??و ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت سدائين جاري رکندو.
هن ڀيري اسان کي آزادي جو ڏهاڙو ان عزم سان ملهائڻ گهرجي ته ڪشميرين کي ڀارتي ظلم ۽ جارحيت کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين: خواجه محمد آصف
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی