اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي صدر ۽ سيڪريٽري جنرل کي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غير قانوني حد ??ندي جي تازي قدمن طرف ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ خط لکيو آهي، پاڪستان 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدم?? جي تناظر ۾ ڀارت جي غير قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڳڻتي جوڳي صورتحال کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل کي هڪ جامع خط لکيو آهي. خط ۾ کين خاص طور تي ڀارت جي ناپاڪ چال کان آگاهه ڪيو آهي. ان قدمن جو مقصد والاريل ڪشمير ۾ غيرقانوني ”حد ??ندي“ جي قدمن ذريعي مسلمان?? جي نمائندگي کي گهٽ ڪرڻ آهي. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي غير قانوني قدم گڏيل قوم?? جي چارٽر ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن سميت عالمي قانون?? جي سراسري خلاف ورزي ۽ غير قانوني آهن. پرڏيهي وزير والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي ??نگ??ن، منظم ۽ وسيع پئماني تي انساني حق?? جي خلاف ورزين کي به اجاگر ڪيو. هن ڪشمير ۾ مسلمان?? جي آبادي کي وڌيڪ ورهائڻ جي جاري ڀارتي ڪوششن تي خصوصي ڌيان ڇڪرايو. هن چيو ته اهي قدم والاريل ڪشمير ۾ ماڻه?? جي شناخت، بنيادي حقن ۽ ثقافت تي هڪ ??نگ??ن حملو آهي، ۽ اهو والاريل علائقي ۾ هڪ ٻي ڪٺ پتلي حڪومت جي قيام جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي جيڪو بي جي پي – آر ايس ايس جي اتحاد جو ”هندو توا“ نظريو آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ان موروثي بدنيتي جي عمل جي آڙ ۾ ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي انجنيئرنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن مسلم اڪثريت حلقن کي هندو اڪثريتي حلقن ۾ تبديل ڪري سگهجي، شرمناڪ حد ??ندي جي مشق مان اهو واضح آهي ته ڀارت آبادياتي تبديلي?? جي عمل کي تيز ڪرڻ چاهي ٿو جيئن هن لکين ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽس جاري ڪرڻ، ملازمت?? جي آڇ ۽ اهڙي طرح جي قدم?? جي ذريعي پهرين ئي ح??ڪت ۾ آندو آهي. ڀارت عالمي قانون ۽ لاڳاپيل جنيوا ڪنوينشنز جي مڪمل خلاف ورزي ڪندي والاريل ڪشمير ۾ زمين غير ڪشميرين کي وڪرو ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پرڏيهي وزير گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو ته هو ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ غير قانوني حد ??ندي جي ??نگ??ن اثرن جو فوري طور تي نوٽيس وٺي ۽ ڀارت کي ياد ڏياري ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪرار آهي جنهن جو حل ٿيڻ باقي آهي، ۽ اهو ته ڀارت کي عالمي قانون، جنيوا ڪنوينشنز، گڏيل قوم?? جي سلامتي قراردادن تحت والاريل علائقي ۾ ڪنهن به غير قانوني آبادياتي تبديلين کي آڻڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. عالمي برادري ڀارت تي دٻاءُ وجهي ته هو والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي گڏيل قوم?? جي سرپرستي ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي راءِ شماري جي ذريعي پنهنجي مستقبل جو تعين ڪرڻ ڏي جنهن جو حق کين گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ ڏنو ويو آهي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران سلامتي ڪائونسل جي صدر ۽ سيڪريٽري جنرل کي خط
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil