اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ اربع ڏينهن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ منعقد تقريب ۾ ??ام??اب پاڪستان پروگرام تحت بنا وياج قرض پروگرام جاري ڪندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ??ام??اب پاڪستان پروگرام غربت جي خاتمي لاءِ وزيراعظم جي ويزن جو حصو آهي جنهن ۾ نوجوانن، عورتن، آبادگارن، گهٽ لاڳت وارن گهرن جي تعمير ۽ ڪاروبار شروع ڪ??ڻ جي لاءِ ٻن سالن ۾ ڪل 407 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويندا. ان مدي ۾ حڪومت 56 ارب رپين جي سبسڊي فراهم ڪندي. ??ام??اب پاڪستان پروگرام جو بنيادي مقصد هيٺئين طبقي کي ريليف فراهم ڪرڻ ۽ معاشي واڌويجهه کي فروغ ڏيڻ آهي. تقريب فيصل مسجد اسلام آباد ۾ منعقد ڪئي ويندي. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس