اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڀائر ملڪ شام سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، اقتصادي ۽ ڪوويڊ 19 ج??ڙن صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون وڌائڻ جي ضرورت ??هي. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن عرب جمهوريه شام جي تعليم واري وزير ڊاڪٽر داريم تبع سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ا??وان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ شام جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن جون پاڙون گڏيل مذهب، قدرن ۽ ثقافت ۾ آهن. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ا??ٽرنيشنل اسڪول دمشق ۾ شامي رهواسين کي معياري تعليم فراهم ڪندڙ هڪ ناليوارو ادارو ??هي. هن چيو ته هي اسڪول شامي شاگردن کي عالمي معيار موجب تعليم فراهم ڪندو رهندو. صدر اقتصادي ۽ ڪوويڊ 19 ج??ڙن صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي ٻنهي طرفن مختلف شعبن خاص طور تي تعليم ۽ ثقافت ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا سان گڏوگڏ اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. ملاقات دوران ٻڌايو ويو ته پاڪستان شامي شاگردن کي پاڪستان جي پيشيواراڻي ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ وظيفن جي آڇ ڪندو. ان موقعي تي ڊاڪٽر داريم تبع شامي قيادت پاران صدر کي مبارڪباد وارو پيغام پهاچيو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
پاڪستان ڀائر ملڪ شام سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار