اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تيل جي قيمتن ۾ اضافي کي بنياد بڻائي ائين پروپئگنڊه ٿي رهي آ??ي جيئن اسان دنيا کان ڪنهن جدا سياري تي آ??يون، جيڪڏهن دنيا ۾ تيل، گئس جون قيمتون مٿي وينديون ته پاڪستان ۾ قيمتون مٿي وينديون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاق?? وزير چيو ته سڄو ملڪ سبسڊي تي نه ٿو هلي سگهي، اڄ قيمتون مٿي آ??ن سڀاڻي گهٽ ٿي وينديون ته هتي ب?? گهٽ ٿي وينديون. هن چيو ته هڪ قوم وانگر مشڪلاتن کي منهن ڏينداسين. وفاق?? وزير چيو ته معاشي مشڪلاتون عارضي آ??ن، انڊسٽري، زراعت ۽ تعميرات جا شعبا تاريخي منافعو ڪمائي رهيا آهن. هن چيو ته پگهاردار طبقي جون مشڪلاتون آهن، پرائيويٽ سيڪٽر پنهنجي ورڪرز جي پگهارن ۾ اضافو ڪري، آمدني ۽ روزگار ۾ اضافو مهانگائي جو ٽوڙ آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا