اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته پاڪستان افغانستان ۾ ڪنهن مخصوص گروپ جي حمايت نه ڪري رهيو آهي، موجوده حالتن ۾ افغانستان ۾ سياسي مفاهمت مشڪل نظر اچي رهي آهي، افغانستان ۾ جيڪا به حڪ??مت ٺهندي پاڪستان ان سان گڏجي ڪم ڪندو، افغانستان ۾ امڪاني ڊگهي خانه جنگي جي صورت ۾ افغانستان کانپوءِ ٻيو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ پاڪستان هوندو، واضح ڪري ڇڏيو ??هي ته پاڪستان فوجي اڏن جي اجازت نه ڏيندو، نٿا چاهيون ته اسان جي سرزمين افغانستان ۾ حملن جي لاءِ استعمال ٿئي، افغان حڪ??مت هر طرح جي حڪومتي ۽ انتظامي خرابين جو الزام پاڪستان تي لڳائي رهي آهي، آمريڪا جي ڪوشش رهي ??هي ته طالبان ۽ افغان حڪ??مت ڪنهن معاهدي تي پهچي وڃن، وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار غير ملڪي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. افغانستان جي صورتحال جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان کي اميد هئي ته افغانستان جو مسئلي جو ڪو سياسي حل نڪري ايندو پر هن وقت اهڙو مشڪل نظر اچي رهيو آهي، اهو مشڪل ان لاءِ ??هي ته ڇو ته طالبان انڪار ڪري رهيا آهن، طالبان جي سينئر قيادت پاڪستان آئي هئي ۽ اسان کين پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪنهن سياسي حل طرف اڳتي وڌن. هن چيو ته سياسي حل ئي افغانستان کي انتشار طرف وڃڻ کان روڪي سگهي ٿو، بدقسمتي سان جڏهن طالبان هتي آيا هنن اشرف غني سان ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو، انهن جي شرط اها ??هي ته جيستائين اشرف غني اقتدار ۾ ??هي هو افغان حڪ??مت سان ڳالهيون نه ڪندا، وزيراعظم چيو ته 2019ع ۾ جڏهن پاڪستان طالبان کي آمريڪا سان ڳالهين تي راضي ڪيو هو ته مون تجويز پيش ڪئي هئي ته چونڊن کان اڳ اتي هڪ عبوري حڪ??مت هجڻ گهربي هئي ته جيئن چونڊن ۾ سڀئي ڌريون شامل ٿين، افغان حڪ??مت عبوري حڪ??مت جي خيال کي تنقيد جو نشانو بڻايو، هنن چونڊون ڪرايون ۽ صدر اشرف غني چونڊجي ويو، هن چيو ته جڏهن اشرف غني صدر چونڊجي ويو ۽ طالبان ان عمل ۾ شريڪ نه ٿيا، اشرف غني ضد ڪيو ته طالبان ساڻس ڳالهيون ڪن ۽ طالبان نه کيس ۽ نه ئي چونڊن کي تسليم ڪيو، طالبان افغان حڪ??مت سان ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهڙي ط??ح ان مسئلي جنم ورتو ۽ اهو مسئلو هاڻي به جيئن جو تئين موجود آهي، وزيراعظم چيو ته افغان حڪ??مت سمجهي ٿي ته اسان وٽ ڪا جادوئي ط??قت ??هي ته اسان جيئن چاهينداسين ان تي ط??لبان کي راضي ڪري وٺنداسين، جڏهن آمريڪين پنهنجا فوجي واپس موڪلڻ شروع ڪيا ۽ خاص ڪري جڏهن هنن نڪرڻ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ته ان کانپوءِ طالبان تي اسان جو اثر رسوخ انتهائي گهٽ ٿي ويو ڇو ته طالبان سمجهيو ته هنن جنگ کٽي ورتي آهي، هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته افغانستان ۾ امڪاني ڊگهي خانه جنگي جي صورت ۾ افغانستان کانپوءِ ٻيو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ پاڪستان هوندو. اسان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿينداسين، پهريون سبب اهو ??هي ته افغانستان کان وڌيڪ پختون پاڪستان ۾ آهن، طالبان بنيادي طور تي پختونن جي تحريڪ ??هي ۽ ان جا اثر پاڪستاني علائقن ۾ ايندا. 2003ع ۽ 2004ع کانپوءِ ائين ٿي چڪو ??هي اسان پنهنجي پختون علائقن ۾ افغانستان جي صورتحال جي نتيجي ۾ رد عمل آيو ۽ پاڪستان کي 70 هزار جانين جو نقصان کڻڻو پيو ڇو ته اسان آمريڪا جي حمايت ڪئي هئي. هن چيو ته ان ڳالهه جو امڪان ??هي ته اسان جي پختون علائقن ۾ وري مسئلا پيدا ٿيندا، ستر هزار جانين ۽ معيشت کي 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي نقصان سان گڏوگڏ اسان جي قبائلي علائقن مان 30 لک ماڻهن کي پنهنجي گ??رن کي ڇڏڻو پيو، اها پهرين پريشاني آهي، ٻي پريشاني پناهگيرن جي آهي، اسان وٽ هتي پهرين ئي 30 لک رجسٽرڊ افغان پناهگير موجود آهن، اسان جي معيشت درست رخ ۾ گامزن ??هي ۽ اسان ايئن هرگز نه چاهينداسين ته وڌيڪ پناهگير پاڪستان اچن ۽ ٽئين ڳالهه اها ??هي ته اسان افغانستان جي رستي وچ ايشيا سان رابطن جا عظيم منصوبا ٺاهيا آهن، وزيراعظم چيو ته ازبڪستان کان افغانستان ۾ مزار شريف جي رستي پاڪستان ريلوي لائن منصوبي جي سلسلي ۾ تازو ئي تاشقند ويو هو جيڪو ان پوري خطي کي پاڻ ۾ ملائيندو، افغانستان ۾ خانه جنگي جي صورت ۾ وچ ايشيا سان رابطن تي ٻڌل اسان جي معاشي ايجنڊا پوئتي هلي ويندي. هن چيو ته پاڪستان افغان عوام پاران نامزد يا چونڊيل ڪنهن به حڪ??مت سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، افعان عوام جنهن حڪ??مت کي به پنهنجو نمائندو سمجهندي پاڪستان ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، افغانستان تي ط??لبان جي ڪنٽرول جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته طالبان جي ڪنٽرول جو دارومدار ان جي نوعيت تي آهي، جيڪڏهن طالبان جي ڪنٽرول ۾ سڀئي ڌريون شامل هجن ته اهو افغانستان جي لاءِ بهترين آپشن آهي، جيڪڏهن اها سڀني جي نمائنده حڪ??مت ??هي پر جيڪڏهن اها ڪنهن هڪ ڌر جي حڪ??مت ??هي ۽ سڄي افغانستان ۾ جنگ ٿي رهي هجي ته اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن طالبان فوجي قبضي جي نتيجي ۾ پنهنجي حڪ??مت قائم ڪري وٺن ٿا ته ان مان مراد ڊگهي خانه جنگي آهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڇا هن وقت پهرين ترجيح افغانستان ۾ جنگ بندي هجڻ گهرجي ڇو ته شهري متاثر ٿي رهيا آهن، اها صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي جيڪڏهن جنگ جاري رهي ٿي ۽ وڏن ش??رن ۾ پکڙجي وڃي ٿي، جنگ جو وڏن ش??رن ۾ پکڙجڻ سان وڏي تعداد ۾ فوتگين جو امڪان آهي. وزيراعظم چيو ته هر قيمت تي جنگ بند ٿيڻ گهرجي ۽ دوحه ڳالهين جو پيش نظر به اهو ئي آهي، آئون ڪنهن فوجي حل جو حامي نه آهيان، هڪ سياستدان جي طور تي اهو سمجهان ٿو ته اسان کي سدائين سياسي حل ئي کي ڳولڻ گهرجي.
پاڪستان افغانستان ۾ ڪنهن مخصوص گروپ جي حمايت نه ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ جيڪا به حڪومت ٺهندي پاڪستان ان سان گڏجي ڪم ڪندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا