ڪراچي – 05 جون (اي پي پي) ماحوليات جي عالمي ڏهاڙو هر سال گڏيل قومن جي انتظام هيٺ صحت مند ۽ سرسبز ماحول جي اهميت جي باري ۾ آگاهي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي، ان جو مقصد اهڙا ماحولياتي قدمن کي اجاگر ڪرڻ آهي جنهن جي ذريعي موجوده ۽ خاص طور تي ايندڙ نسلن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي، هن سال ماحول جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع ”ماحولياتي نظام جي بحالي“ آهي جنهن جي پوري انسانيت فڪرمند آهي، ماحولياتي نظام جي بحالي مان مراد اهو آهي ته جبلن جي چوٽين کان وٺي سمنڊ جي تري تائين ڏٺو ويندڙ ٻوٽن ۽ جانورن کي ختم ٿيڻ جي ڏاڪي کان واپس آندو وڃي، ان حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ماحولياتي نظام جي بحالي هڪ گڏيل عالمي ذميداري آهي جنهن جي لاءِ وڏي پئماني تي جدوجهد جي ضرورت آهي، پاڪ ??حريه ماحول جو عالمي ڏينهن تسلسل ??ان ملهائيندي آهي ته جئين ماحولاياتي نظام جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ??ان گڏوگڏ ماڻهن ۾ خاص طور تي آبي ماحول جي حوالي ??ان آگاهي کي فروغ ڏئي سگهجي، هن سال ڪورونا وائرس جي وبا جي احتياطي تدبيرن کي نظر ۾ رکندي اهڙين تقريبن جو انعقاد نه ڪيو ويو جنهن ۾ وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت هجي تنهن هوندي به پنهنجي پختي عزم جي اظهار ??ان ماحوليات بابگ آگاهي کي فروغ ڏيڻ لاءِ ميڊيا کي ڀرپور طريقي ??ان استعمال ڪيو پيو وڃي، پاڪ ??حريه جي اهلڪارن طرفان هر ڀيري صفائي کانسواءِ پاڪ ??حريه جي يونٽس ۽ رهائشي علائقن ۾ ماحولياتي نظامن جي بحالي جي قدمن جي حوالي ??ان پوسٽر ۽ بينرز لڳايا ويا ۽ ڪتابچه ورهايا ويا. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميري ٽائيم افيئرز جي اهتمام هيٺ آبي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ سيمينار جو اهتمام به ڪيو ويو. آگاهي مهم کانسواءِ پاڪ ??حريه جي اهتمام هيٺ مينگروز ۽ وڻڪاري جون مهمون پهرين کان جاري آهن جنهن تحت ساحلي علائقن ۾ 70 لک کان وڌيڪ مينگروز ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ 20 لک کان وڌيڪ ٻوٽا حڪومت جي ”وڻ پوکيو پاڪستان جي لاءِ“ نظريي موجب پوکيا ويا آهن، پاڪ ??حريه محفوظ بحري ماح??ل ۽ صاف سٿري سمنڊن جي لاءِ سدائين ڪوشان آهي، امير البحر ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪ ??حريه جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ماحول جي بهتري خاص طور تي آبي ماحول جي بهتري جي لاءِ سمورا قدم استعمال ۾ آندا ويندا، هن پنهنجي قيادت ۾ پاڪ ??حريه جي سمورن آفيسرن ۽ جوانن کي هدايت ڪئي ته هو ان رخ ۾ پنهنجون ڪوششون هر وقت جاري رکن.
ماحول جي بهتري خاص طور تي آبي ماحول جي بهتري لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا: ايڊمرل محمد امجد خان نيازي
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ