اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) حڪومت اعلان ڪيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ وفاقي گادي واري ??هر اسلام آباد مان جنرل سيٽ تي شڪست کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ايوان مان اعتماد جو ??وٽ وٺندو، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي سينيٽ چونڊن کي آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، اسان اليڪشن ڪميشن کي تجويز ڏني ته اها سڃاڻپ جوڳا بيلٽ پيپر ڇاپي پر انهن اسان جي درخواست تي عمل نه ڪيو، اڄ افسوسناڪ ڏينهن آهي، جمهوريت جي علمبردارن جمهوري قدرن جي نفي ڪئي، اليڪشن ڪميشن سينيٽ جون شفاف چونڊون ڪرائڻ جي پنهنجي آئيني ذميواري پوري ??رح نه نڀائي نه سگهي، پارٽي ڊسيپلين جي خلاف ورزي تي اڳ ۾ به ڪارروائي ڪئي هئي ۽ هاڻي به ڪنداسين. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وفاقي وزيرن اسد عمر، شفقت محمود، فواد چوڌري، شيرين مزاري، علي زيدي، حماد اظهر، وزيراعظم جي احتساب ۽ گهرو معاملن واري ??اص معاون شهزاد اڪبر، شهباز گل سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ سينيٽ جي چونڊن ۾ جيڪو نتيجو اسان ڏٺو ان اسان جي بيانيي کي سگهه ڏني، اسان جو بيانيو هو ته سينيٽ جي چونڊن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر منڊيءَ لڳندي ۽ ضميرن جا سودا ٿيندا. هن چيو ته وفاقي گادي واري ??هر اسلام آباد جي سيٽ تي اسان جا ٻه اميدوار هئا، هڪ اسان جي عورت اميدوار هئي جنهن ۾ ڪا دلچسپي نه هئي جيئن ته اها کٽي وئي جڏهن ته اسلام آباد جي ٻي سيٽ تي انهن جي دلچسپي شروع کان هئي جيئن ته انهن جمهوريت تي نالي خريد ۽ وڪرو ڪيو. هن چيو ته اڳ ۾ اليڪشن ۾ جڏهن اهڙي قسم جون شڪايتون سامهون آيون ته اسان جي پارٽي قيادت لڳ ڀڳ 20 ميمبرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي، اسان جڏهن اوپن بيلٽنگ جي لاءِ قانونسازي جي ڳالهه ڪئي ته انهن ان جي ڀرپور مخالفت ڪئي، اسان قانوني راءِ وٺڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ جو دروازو کڙڪايوسين، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي هئي ته شفاف اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري ??هي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اليڪشن ڪميشن شفافيت جي حوالي سان ناڪام ڏسڻ ۾ آئي. هن چيو ته هڪ ڏينهن اڳ سامهون ايندڙ وڊيو ۾ يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي حيدر گيلاني جو چهرو ۽ سندس حرڪتون قوم آڏو آهن، پيپلزپارٽي جهڙي طرح جي سياست جو ??ظاهرو ڪيو آهي اهو قوم جي آڏو آهي، اسان اليڪشن ڪميشن کان ٽيڪنالاجي جي استعمال جو ??طالبو ڪيو ته انهن معذوري ??اهر ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان سياسي ڪلچر کي تبديل ڪرڻ جي هر ڪوشش ڪئي، قوم ان ويڙهه ۾ ڏسي رهي آهي ته ڪير ڪٿي بيٺل آهي، هي حق ۽ باطل جي ويڙهه آهي جيڪا اسان وڙهندا رهنداسين ۽ اها ويڙهه اسان کٽينداسين، اڄ پاڪستان جي جمهوريت جي لاءِ افسوسناڪ ڏينهن آهي، جمهوريت جي علمبردارن اڄ جمهوريت کي لتاڙيو آهي، جمهوري قدرن جي نفي ڪئي آهي. هن چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ وفاقي گادي واري ??هر جي جنرل سيٽ تي سامهون ايندڙ نتيجي کانپوءِ عمران خان ۽ اسان جي پارٽي ف??صلو ڪيو آهي ته عمران خان هن ايوان مان اعتماد جو ??وٽ وٺندو ته جيئن کلي سامهون اچي وڃي ته ڪير عمران خان جي نظريي سان گڏ بيٺل آهي. پرڏيهي وزير چيو ته جيڪو عمران خان سان گڏ بيٺل آهي اهو واضح طور تي ان سان گڏ هوندو، جن جو ڪو سياسي ??ظريو نه آهي اهي مفاد جي سياست ڪن ٿا، اهي انهن ئي ماڻهن سان گڏ بيٺل هوندا، تحريڪ انصاف جي ڪارڪن کي اهو اعتماد هجڻ گهرجي ته ان ويڙهه ۾ اسان انهن جو ??قابلو ڪنداسين، انهن جو ??قصد بچاءُ ۽ فرار جي سياست آهي ۽ هي ان سياست کي جاري ??کڻ چاهين ٿا، اسان ان سياست کي دفن ڪري ??ک جو ساهه کڻنداسين. هن چيو ته سپريم ڪورٽ آئيني راءِ ڏني پر گڏ هن اهو به واضح ڪيو ته شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري ??هي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اسان جا ميمبر ناراض هئا ته انهن هڪ سيٽ تي اسان کي ووٽ ڏنو ۽ ٻي تي نه ڏنو، اها ناراضگي نه ڪجهه ٻيو آهي، وزيراعظم عمران خان اخلاقي پوزيشن ورتي آهي ان لاءِ هن ايوان مان اعتماد جو ??وٽ وٺڻ جو ??يصلو ڪيو آهي، وڊيو ۽ آڊيوز جي منظرعام تي اچڻ مان واضح ٿي ويو ته خريد ۽ وڪرو ٿيو آهي، اسان پارٽي ڊسيپلين جي خلاف ورزي تي اڳ ۾ به ايڪشن ورتو هو ۽ هاڻي به وٺنداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جنهن اصول کي پنجاب ۾ اختيار ڪيو ان کي اسلام آباد ۾ ڇو نه اختيار ڪيو ڇو ته انهن جي نيت ۾ کوٽ هئي، هتي انهن کي ڌنڌو ڪرڻو هو، هي ڌنڌي جا عادي آهن، عورت جي سيٽ تي اهي خريد ۽ وڪرو جي لاءِ تيار نه هئا، انهن جو ??ورو ڌيان يوسف رضا گيلاني تي هو. هن چيو ته اسان سياسي ??ارٽي آهيون ۽ سياسي انداز ۾ مقابلو ڪنداسين، اسان پاڪستان جي عوام سان مخاطب آهيون، هي ف??صلائتو مرحلو آهي، ان کي ف??صلو ڪرڻو آهي ته انهن سان گڏ بيهڻو آهي يا ماضي جي خريد ۽ وڪري ??ي سياست کي جاري ??کڻو آهي يا انهن جو ڪڙو احتساب ڪرڻو آهي. هن چيو ته جن اليڪشن ۾ ضمير وڪرو ڪيو انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته وڊيو تي جيڪڏهن مخالف ڌر ڪنهن اسٽنگ آپريشن جو الزام هڻي رهي آهي ته پڇڻو اهو آهي ته اهي ايترا ٻار آهن جو انهن کي سمجهه نه آهي ته اهي ڪنهن سان معاملا طئي ڪري ??هيا آهن هن چيو ته غلطي ۽ بدنيتي ۾ فرق آهي جڏهن هڪ ميمبر کان غلطي ٿي ته هن کلي اظهار ڪيو ۽ درخواست ڏني ته کيس نئون بيلٽ پيپر جاري ڪيو وڃي جيڪو اليڪشن ڪميشن نه ڪيو.
سينيٽ چونڊن ۾ اسلام آباد مان جنرل سيٽ تي شڪست کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺندو: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا