اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پرڏيهي سيڙپڪار سيڙپڪاري جي سازگار ماحول ۽ مراعتن مان فائدو کڻن، ترقي جي لاءِ ڊگهي مدي وارا سڌارا آندا پيا وڃن، پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان خطي ۾ معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو، چين ۽ وچ ايشيائي رياستن سان رابطن کي هٿي ملندي. پرڏيهي ڪارپوريٽ ليڊرز ۽ عالمي ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم کين حڪومت جي سيڙپڪار پاليسين ۽ پاڪست??ن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته پاڪستان کي سخت مالي ۽ ت??انائي بحران درپيش هو، ناڻي واڌ جو دٻاءُ هو، ايڪسچينج ريٽ ۽ سيڪيورٽي صورتحال خراب هئي، اڻوڻندڙ عالمي معاشي حالتن جي باوجود هاڻي اسان جي حڪومت معيشت کي مستحڪم ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج