اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، ن??ري??ت ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پائيدار ترقي جا ??دف (ايس ڊي جيز) تي بهتر انداز سان عملدرآمد جي لاءِ سسٽين ايبل ڊولپمينٽ گولز سيڪريٽريٽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ آدمشماري کي ايجنڊا تي رکڻ جي لاءِ وزيراعظم محمد نواز شريف کي چٺي موڪليندو، ايس ڊي جيز سيڪريٽريٽ تمام جلد پارليامينٽري پاپوليشن ڪانفرنس جو انعقاد ڪندو. پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز ۾ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي لاءِ پائيدار ترقي جا ??دف (ايس ڊي جيز) تي ٻن ڏينهن جي گول ميز ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خط??ب ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي سطح تي 2015ع ۾ 189 ملڪن طرفان 17 نڪاتي ايس ڊي جيز تي صحيحون ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان دنيا جو پهريون ملڪ آهي جنهن جي پارليامينٽ جي اندر ايس ڊي جيز جو سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ويو آهي.
جلد پارليامينٽري پاپوليشن ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری