اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين عوا?? کي سندن در تي فوري انصاف جي فراهمي تي وفاقي مح??سب آفيس کي ساراهيندي چيو آهي ته مح??سب کي ڪيس اڪلائڻ جي شڪايت ڪندڙن کي رليف فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ بدانتظامي ۾ ملوث اهلڪارن جي خلاف اداراجاتي ڪارروائي جي به تجويز ڏيڻ گهرجي. هن اها ڳالهه وفاقي مح??سب جي وفد سان ڳالهائيند?? چئي جنهن سلمان فاروقي جي سربراهي ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفاقي ٽيڪس مح??سب عبدالرئوف چوڌري به ملاقات ۾ موجود هو. صدر چيو ته قانون جو مقصد عوام جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ نه پر انهن جي مدد ۽ انهن کي سهولت فراهم ڪرڻ هوندو آهي.
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری