نيويارڪ -19 مارچ (اي پي پي) آمريڪا جي سياحت ڪمپني اسپيس وي آءِ پي خلا ۾ دنيا جي پهرين ڊنر ڪرائڻ جي تياري ڪري ورتي آهي. اردو نيوز مطابق آمريڪي لگزري اسپيس سياحت ڪمپني اسپيس وي آءِ پي انسانن کي اسپيس ۾ وٺي وڃي کاڌو کارائڻ جي آڇ ڪري رهي آهي. رپورٽ مطابق 6 مسافر ان مشن جو حصو بڻجندا جن کي سمنڊ جي سطح کان هڪ لک فوٽ بل??دي تي وٺي وڃي ڊنر ڪرايو ويندو. مسافرن کي اسپيس تي اسيپڪٽو ڪمپني جي ٺاهيل نيپچيون نالي خاص خلا??ي ڪيپسول ۾ ويهاري ايئر بيلون ذريعي خلا جي سرحد تائين پهچايو ويندو. ان ايڊونچر جو حصو بڻجندڙ ماڻهن کي خاص مينيو تي مشتمل کاڌو کارائڻ لاءِ مشهور شيف راسمس منڪ ??ون خدمتون حاصل ڪيون وينديون.نيپچون نالي ان اسپيس شپ کي هائيڊروجن سان ڀ??يل هڪ خلائي ڦوڪڻو منزل ڏانهن وٺي ويندو جتي مسافر ڪيترا??ي ڪلاڪ ترسي کاڌي جو مزو ماڻي سگهن ٿا. 6 ڪلاڪن جي ان سفر لاءِ مسافرن کي ڪنهن به قسم جي تربيت گهربل نه هوندي ۽ انهن لاءِ خاص سوٽ به تيار ڪيا ويندا جيڪي فرانسيسي فيشن ڪمپني ڊيزائن ڪندي. ان ايڊونچر لا3 ڪير به اپلا??ي ڪري سگهي ٿو جنهن کي ٽڪيٽ جي قيمت 4 لک 95 هزار ڊالرز (13 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.
آمريڪي سياحتي ڪمپني اسپيس وي آءِ پي پاران خلا ۾ دنيا جي پهرين ڊنر ڪرائڻ جي تياري، ٽڪيٽ 4 لک 95 هزار ڊالر مقرر
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ