ماسڪو-28 ڊسمبر (??ي پي پي)روس ۽ ايران آمريڪي ڊالر بدران مقامي ڪرنسين ۾ واپار ڪرڻ ج?? فيصلو ڪيو آهي، هي فيصلو ٻنهي ملڪن جي مرڪزي بئنڪن جي گورنرن جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. جرمن نشرياتي اداري روس جي خابرو اداري جي حوالي سان ٻڌايو ته ايران ۽ روس جي مرڪزي بئنڪن جي گورنرن جو اجلاس ماسڪو ۾ ٿيو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن گڏيل واپار کي آمريڪي ڊالر بدران مقامي ڪرنسين ۾ ڪرڻ ج?? معاهدي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. ان معاهدي کانپوءِ هاڻي بئنڪ ۽ گروپ مقامي ڪرنسين ۾ ڏي وٺ ڪري سگهندا ۽ اهڙو بئنڪاري نظام استعمال ڪري سگهندا جن ۾ سوئفٽ سسٽم گهربل نه هوندو، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته روس جي قيادت ۾ يوريشين اڪنامڪ يونين (يو اي اي يو) جي ميمبر?? 25 ??سمبر تي ايران سان هڪ مڪمل آ??اد واپاري معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. روس کانسواءِ بيلاروس، قزاخستان، ڪرغزس??ان ۽ ارمينيا ان يونين جا ميمبر آهن.
ايران ۽ روس پاران مقامي ڪرنسين ۾ واپار جو معاهدو
مضمون کا ماخذ : راکی