جده- 06 اپريل (اي پي پي) والاريل بيت المقدس ۾ مسجد الاقصيٰ تي اسرائيلي پوليس جي حملي کانپوءِ صورتحال تي غ??ر ڪرڻ لاءِ عرب ليگ جو هنگامي اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ مسجد الاقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملن جي مذمت ڪئي وئي. سعودي خابرو اد??ري مطابق اردن، مصر ۽ فلسطيني عملدارن سان گڏجي تنظيم جو هنگامي اجلاس سڏائڻ جي درخواست ڪئي. اردن جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته عرب ليگ طرفان اسرائيلي خلاف ورزين کي روڪڻ لاءِ ڪوششون ج??ري آهن ۽ اها عالمي انساني قانوني جي خلاف ورزي آهي. بيان ۾ چيو وي?? ته اهڙي طرح جي ڪارروائين جو مقصد والاريل بيت المقدس جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت کي تبديل ڪرڻ آهي. ٻئي پاسي برطانوي خابرو اد??ري مطابق عرب ليگ والاريل بيت المقدس ۾ مسجد القصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پر تشدد ڪارروائين سان علائقائي استحڪام کي خطرو آهي. عرب ليگ ج??ري بيان ۾ مسجد الاقصيٰ ۾ بيگناهه نمازين خلارف اسرائيلي فوج جي ڪارروائين کي ڏوهه قرار ڏنو آهي. بيان ۾ چيو وي?? ته صبح سوير مسجد تي حملي سان تشدد جي لهر اٿڻ جو خطرو آهي جنهن سان خطي ۽ دنيا ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي خطرو آهي. ان کان اڳ عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل حمد ابولغيث بيان ۾ مسجد الاقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته اسرائيلي حڪومت جي پاليسي کي ڪنٽرول ڪندڙ انتهاپسنداڻي نقطه نظر کي نه روڪيو وي?? ته اهو فلسطينين سان وڏي پيماني تي تڪرار جو سبب بڻجندو. هوڏانهن نار سهڪار ڪائونسل پڻ اسرائيلي فورسز جي مسلمانن جي قبله اول تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. ترڪيه مسجد الاقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملي ۽ ان جي اندر ٿيل چڪرين جي مذمت ڪندي ان کي ”نا قابل قبول“ قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هي مسجد جي تقدس جي پامالي آهي. ترڪيه پرڏيهي وزير مولود چاوش اوغلو برسلز ۾ نيٽو جي اجلاس جي موقعي تي چيو ته اسان انهن حملن جي مذمت ڪيون ٿا.
عرب ليگ جو هنگامي اجلاس، مسجد الاقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores