اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو فل??طيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن تي انصاف، آزادي ۽ وقار حاصل ڪرڻ جي لاءِ فل??طيني عوام جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان فل??طيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل فل??طين جي هڪ آزاد رياست، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان لبنان ۾ جنگبندي جي تازي معاهدي جي آجيان ڪري ٿو ۽ سمورين ڌرين کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1701 کي مڪمل طور تي برقرار رکڻ ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسان لبنان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ استحڪام جي حمايت ڪريون ٿا. هن متاثر ماڻهن جي لاءِ انساني امداد جي فوري ضرورت، بي گهر ماڻهن جي محفوظ واپسي ۽ تڪرارن کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ترجمان چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اها جنگبندي ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ خطي ۾ وس??ع تر تڪرار کي روڪڻ جي لاءِ هڪ اهم قدم آهي. پاڪستان کي اميد آهي ته جنگبندي جو معاهدو غزه جي پٽيءَ ۽ ٻين والاريل فل??طيني علائقن ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، غزه ۾ نسل ڪشيءَ جو خاتمو ۽ فل??طيني عوام جي لاءِ انساني امداد جو مرحلو طئي ڪندو.
پاڪستان پاران لبنان ۾ جنگبندي جي تازي معاهدي جي آجيان، فلسطيني عوام جي حمايت جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ