اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ڀارت جي نگراني ۾ ٿيندڙ کل جوڳي چونڊن جي پهرين مرحلي جي عالمي قانون جي نظر ۾ ڪا قانوني اهميت نه آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل لاڳاپيل قراردادن ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته ڄمون ۽ ??شم??ر جو حتمي فيصلو عوام جي امنگن موجب ڪيو ويندو جنهن ??و اظهار گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري ذريعي ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته ڪو ٻيو عمل ??شم??رين جي خودمختياري واري حق ڏيڻ جو متبادل نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ 14 سياسي پارٽين کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي ۽ ڪيترائ?? سياسي اڳواڻ نظربند آهن، ان لاءِ خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ اهڙي چونڊ مشق صحيح نه آهي.
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔