اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاع ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آص?? سان جمهوريه تاجڪس??ان جي سفير شريف زاده يوسف توير ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مغادم ڌار ڌار ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفي دفاعي، اقتصادي ۽ ايوي ايش?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دفاع واري وزير سمورن حل طلب علائقائي مسئلن جي پرامن حل لاءِ پاڪس??ان جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو ۽ خطي ۾ امن ۽ اقتصادي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ تاجڪس??ان جي ڪوششن کي ساراهيو. تاجڪ سفير ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ موجود ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. ان کانسواءِ هن گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ پاڪس??ان سان تعاون لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جي خاطري ڪرائي. اسلامي جمهوريه ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مغادم اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ دفاع واري وزير خواجه محمد آص?? سان ملاقات ڪئي، دفاع واري وزير ان حقيقت تي زور ڀريو ته پاڪس??ان ۽ ايران وچ ۾ صديون پراڻا مذهبي ۽ ثقافتي وابستگين سان ڳنڍيل خوشگوار ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. گڏيل سرحدي ڪميشن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان بارڊر مينيجمينٽ جي حوالي سان سمورا ضروري قدم کنيا آهن ۽ ا?? معاملي تي گڏيل ڪوششون جاري رهڻ گ??رج??. ٻنهي ڌرين ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطم??نا?? جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ان کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان تاجڪستان ۽ ايران جي سفيرن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2