اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 7 آگسٽ تي او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب جي شهر جده ويندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان م??جب اهو اجلاس فلسطين ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي درخواست تي طلب ڪيو ويو آهي ته جيئن فلسطين ۽ ٻين علائقائي ملڪن جي خلاف جاري اسرائيلي جارحيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وڃي. بيان م??جب فلسطيني ڪاز جي زبردست حامين مان هڪ هجڻ جي ناطي پاڪستان سدائين او آءِ سي سميت سمورن عالمي فورمز تي پنهنجو آواز اٿارڻ ۾ سڀ کان اڳتي رهيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته غيرمعمولي اجلاس ۾ ن??ئب وزيراعظم غزه ۽ وچ اوڀر جي وسيع تر خطي جي خراب صورتحال تي پاڪستان جا سنجيده خدشا پيش ڪندو، هو امن جي فوري ضرورت ۽ غزه جي ماڻهن کي امداد جي فراهمي تي زور ڏيندو. ان م??قعي تي ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ٻين م??مبر ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 7 آگسٽ تي او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جده ويندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری