اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه جي ايراني گادي واري شهر تهران ۾ قتل جي مذمت ڪندي خطي ۾ وڌندڙ ??سر??ئيلي مهم جوئي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏ??هي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏ??هي آفيس جو چوڻ آهي ته اسان ک?? ايران جي نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي ٿيندڙ ان غيرذميواراڻي ڪارروائي سان وڏو صدمو پهتو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم سميت ڪيتريون ئي غيرملڪي شخصيتون شريڪ هيون. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان اسماعيل هانيه جي گهرڀاتين ۽ فلسطيني ع??ام سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان عدالت کان مٿانهين ۽ ٻين ملڪن جي سرزمين تي قتل سميت هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو. پاڪستان خطي ۾ وڌندڙ ??سر??ئيلي مهم جوئي کي گهري ڳڻتي جي نظر سان ڏسي ٿو. ترجمان وڌيڪ چيو ته ??سر??ئيل جون تازه ترين ڪارروايون اڳ کان ئي عدم استحڪام ۾ ورتل خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ خطرناڪ اضافو ۽ امن جي ڪوششن جي لاءِ نقصانڪار آهن.
پاڪستان پاران حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه جي تهران ۾ قتل جي مذمت، خطي ۾ وڌندڙ اسرائيلي مهم جوئي تي سخت ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت