اسلام آباد – 06 – جون (??ي پي پي) صدر آصف علي زرداري گ??گت بلتستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??لگت بلتستان جي عوام کي در تي بنيادي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ صحت، تعليم ۽ رستن جي انفراسٽرڪچر جي ترقي لاءِ قدم کنيا ويندا، گلگت بلتستان ۾ بي پناهه ۽ وسيع اقتصادي صلاحيت موجود آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري گ??گت بلتستان ڪائونسل جي ميمبرن سان ڳالهائي ??هي?? هو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ??لگت بلتستان چين جي سنگم تي آهي، گلگت بلتستان ۾ سيڙپڪاري سان خطي ۾ معاشي خوشحالي ايندي. وفد صدر کي گ??گت بلتستان جي ترقياتي ۽ مالي ضرورتن بابت آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، گلگت بلتستان جو وڏو وزير گلبر خان، گلگت بلتستان ڪائونسل جا ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر شريڪ هئا. صدر گلگت ۾ هوائي اڏي کي وسعت ڏيڻ، گلگت بلتستان جي ترقي جي لاءِ نوان رستا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سندس چوڻ هو ته ??لگت بلتستان جي اقتصادي صلاحيت سان عوامي مفاد ۾ فائدو کڻڻ گهرجي، ديامير ڀاشا ڊيم جي متاثرين جي معاوضو ڏيڻ جو معاملو مناسب فورم تي کنيو ويندو جڏهن ته صحت سهولت پروگرام جي بند ٿيڻ سان گلگت بلتستان جا ماڻهو هيلٿ انشورنس جون خدمتون حاصل ڪرڻ کان قاصر آهن. صدر گلگت بلتستان جي عوام کي علاج جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ صحت سهولت پروگرام کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني. وفد گلگت بلتستان جي ترقي، مسئلن جي حل ۾ دلچسپي وٺڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. صدر وفد کي گ??گت بلتستان جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي تعاون ۽ حمايت جو يقين ڏياريو.
گلگت بلتستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، گلگت بلتستان ۾ بي پناهه ۽ وسيع اقتصادي صلاحيت موجود آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ