واشنگٽن -16 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي، ته اقتصادي سڌار?? جي پروگرام ۾ معاونت لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڪيترن ئي اربين ڊالر?? جي نئ??ن قرض جي معاهدي تي ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. واپاري جنگ ۾ پاڪستان لاءِ ويٽنام جهڙو ڪرد??ر ادا ڪرڻ ۽ آمريڪا کي پنهنجي ايڪسپورٽ ۾ واڌ ڪرڻ جو هڪ سٺو موقعو مليو آهي. اهڙو اظهار هن واشنگٽ?? جي دوري دوران فرانس جي خابرو ايجنسي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو. هن چيو ته هن وقت اڳ کان موجود 3 ارب ڊالر?? جي ماليت جي اسٽينڊ باءِ معاهدي تحت پروگرام ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي ۽ ان معاهدي جي 1.1 ارب ڊالر?? جي حتمي قسط جو هن مهيني جي آخر ۾ منظور ٿيڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي اربين ڊالر?? جي ماليت جي قرض پروگرام جي حوالي سان آءِ ايم ايف سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. جيڪي ڪيترن ئي سالن تي ٻڌل هونديون. هن چيو ته گذريل سال جي ابتڙ هن سال پاڪستا?? جي معيشت جي شروعات سٺي ٿي آهي، آءِ ايم ايف سان نئين پروگرام جي امڪانن سان ئي مارڪيٽ جي اعتماد ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي. هن چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان گهٽ ۾ گهٽ 3 سال?? جي پروگرام لاءِ رابطو ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان کي ڍانچي وار سڌار?? جي ايجنڊا کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ان پروگرام جي ضرورت آهي. هن چيو ته مئي جي ٻئي يا ٽين هفتي تائين آءِ ايم ايف پروگرام بابت بنيادي معاملن کي طئي ڪرڻ تائين پهچي وينداسين. ناڻي واري وزير چيو ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري ڀائيوار آهي، آمريڪا هميشه خاص طور تي سيڙپڪاري جي حوالي سان پاڪستا?? جي مدد ڪئي آهي. چين پاڪستان اقتصادي راهداري جو ذڪر ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ان تحت چين بنيادي ڍانچي کي ترقي ڏيارڻ لاءِ وسيع سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن چيو ته واپاري جنگ ۾ پاڪستان لاءِ ويٽنام جهڙو ڪرد??ر ادا ڪرڻ ۽ پنهنجي ايڪسپورٽ ۾ واڌ جو هڪ سٺو موقعو آهي، رياستي ملڪيتي ادارن ۾ سڌارن ۽ نجڪاري پروگرام جي سوال تي هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان اسان ايندڙ مهيني يا ان کان ڪجهه وڌيڪ عرصي ۾ امڪاني واڪ ڏيندڙ?? جي دلچسپي جي حوالي سان معلومات ملي ويندي ۽ اسا?? جي خواهش آهي ته ان عمل کي جو?? جي آخر تائين مڪمل ڪيو وڃي. ايندڙ ٻن سالن ۾ نجڪاري جي پروگرام ۾ تيزي آڻينداسين. واضح رهي ته ناڻي وارو وزير آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي آمريڪا جي دوري تي آهي.
اقتصادي سڌارن جي پروگرام ۾ معاونت لاءِ آءِ ايم ايف سان اربين ڊالرن جي نئين قرض جي معاهدي تي ڳالهيون شروع ڪيون آهن: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر