تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جيڪو ازبڪستان جي شهر تاشقند ۾ منعقد ٿيندڙ 16 هين اقتص??دي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آه??. سربراهي اجلاس کي خطاب ڪيو. پنهنجي تقرير ۾ نگران وزيراعظم علائقائي ترقي جي لاءِ اي سي او جي ويزن جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ عزم جو اظهار ڪيو. هن ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، رابطن جي فروغ، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلاتي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ پائيدار اقتص??دي ترقي جي لاءِ علائقائي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم چيو ته اي سي او جي لنگهن تي ٻڌل حڪمت عملي علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ اهم آه??. ٽرانزٽ ٽرانسپورٽ فريم ورڪ ايگريمنٽ (ٽي ٽي ايف اي) ۽ اسلام آباد – تهران – استنبول ريل ۽ روڊ ڪوريڊور جهڙن منصوبن سان پوري خطي جي اقتص??دي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو. نگران وزيراعظم اسرائيلي قابض فوج پاران غزه تي مسلسل بمباري جي شديد مذمت ڪئي. هن فلسطين مسئلي کي گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل ڪرڻ تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم وڌندڙ عدم برداشت، زينو فوبيا ۽ اسلامو فوبيا تي عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته گڏيل احترام، بين المذاهب هم آه??گي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ کي فروغ ڏيندي اسلامو فوبيا جي اضافي جي خلاف سياسي ۽ قانوني مزاحمت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آه??.
نگران وزيراعظم پاران علائقائي ترقي جي لاءِ اي سي او جي ويزن جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ عزم جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ