اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب باجوڙ ۾ جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي ورڪرز ??نوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي انساني جاني?? جي نقصانن تي پي ڊي اي?? جي سربراهه ۽ جي يو آءِ جي امير مولانا فضل الرحمان ۽ متاثر خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته باجوڙ جي علائقي خار ۾ جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي ورڪرز ??نوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪريان ٿي، جنهن ۾ قيمتي جانين جو وڏو نقصان ٿيو ۽ درجنين زخمي ٿيا. پي ڊي اي?? جي سربراهه ۽ جي يو آءِ جي امير مولانا فضل الرحمان ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ۽ افسوس ڪريون ٿا. هن چيو ته هي واقعو ثبوت آهي ته دهشتگردن جو مذهب صرف دهشتگردي آهي، کين انسانيت، معصوم جانين سان ڪو به تعلق نه آهي. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي جو خاتمو پاڪستا?? جي بقاءُ ۽ سالميت لاءِ نهايت ضروري آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ??طا فرمائي ۽ وارثن کي صبر ??طا فرمائي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران باجوڙ ۾ جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي مذمت، قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ