اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ??يو آهي ته ن??ين مالي سال دوران صنعتڪاري کي هٿي ڏني ويندي. زراعت تي خاص ڌيان ڏنو ويندو، روانگي واپار ۾ آءِ ٽي جو شعبو اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، محصولن لاءِ نوان ذ??يعا ۽ وسيلا تلاش ڪ??ا ويندا. قومي اقتصادي سروي مالي سال 23-2022ع جي جاري ڪرڻ جي موقعي تي وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ۽ ناڻي باب?? مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته گذريل هڪ سال ۾ عالمي سطح تي تي جي ڊي پي جي شرح ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي آهي، اهڙيءَ طرح عالمي سطح تي مهانگائيءَ جي شرح ۾ 51 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. عالمي واپار ۾ تقريبن 5 سيڪڙو گهٽتائي ٿي جنهن جي اثرن کان پاڪستان به متاثر ٿيو آهي. جاري مالي سال ۾ زراعت ۽ خدمتن جي شعبي ۾ بهتري آئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ن??ين مالي سال دوران صنعتڪاري کي هٿي ڏني ويندي. زراعت تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. روانگي واپار ۾ آءِ ٽي جو شعبو اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ان شعبي ۾ روانگي واپار ??ي 4 ارب ڊالرن جي سطح تائين وٺي وڃون. محصولن جا نَوان ذ??يعا ۽ وسيلا ڳوليا ويندا. انهن قدمن سان انشاءَ الله 3.5 سيڪڙو جي ڊي پي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.
روانگي واپار ۾ آءِ ٽي جو شعبو اسان جي اولين ترجيح ۾ آهي، محصولن جا نَوان ذريعا ۽ وسيلا تلاش ڪيا ويندا: ناڻي وارو وفاقي وزير
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل