اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليڊيز هيلٿ ورڪرز ۽ مڊوائف جي ڪردار کي و??يڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هن وقت ايل ايڇ ويز جي پهچ 37 سيڪڙو آبادي تائين آهي ان کي وڌائي عورتن ۾ ويم دوران مُشڪلاتن کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي ٿو، تعليم ۽ صحت رياست جي ذميواري آهي ان سان گڏوگڏ ٻين ڌرين کي ??ڳتي اچي انهن شعبن ۾ ڪم ڪرڻو پوندو، اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن جيڪي تعليم ۽ صحت جي شعبي تي ڌيان ڏين ٿيون. هو راولپنڊي ۾ ماءُ ۽ ٻار جي ڀلائي جي اسپتال جي افتتاحي تقريب کي ??طاب ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاتون اول ثمينه عارف سان گڏ اسپتال جو باقاعده افتتاح ڪيو. تقريب ۾ بهبود ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي صدر عابده ملڪ، ايسوسيئيشن جا ميمبر ۽ غيرملڪي سفارتڪار شريڪ هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ويم دوران موت جي شرح و??يڪ هجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ان تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، دنيا ۾ ويم دوران موت کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جڏهن معاشرا ۽ معيشت مضبوط ٿي وڃن ته مختلف ذريعن سان صحت تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو ان ۾ هيلٿ انشورنس پڻ شامل آهي. هن چيو ته ان ۾ ته ڪا ٻي راءِ نه ٿي ٿي سگهي ته تعليم ۽ صحت رياست جي ذميواري آهي پر معاشري جي ٻين ڌرين کي ??ه اڳتي وڌي ان ۾ حصو وجهڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بهبود ايسوسيئيشن ملڪ گير سطح تي عورتن کي ??ااختيار بڻائڻ، تعيلم، صحت، ??ستڪاري ۽ ثقافت جي ترويج جي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آهي جيڪو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته اسلامي معاشري ۾ عورتن کي وڏو مقام حاصل آهي، گهر جي اندر ٻارن جي پرورش جي ذميواري به ماءُ تي هوندي آهي، اهو اهم هوندو آهي ته ايندڙ نسل جي تربيت ڪير ڪري رهيو آهي. هن بريسٽ ڪينسر جي حوالي سان آگاهي، عورتن کي ??ااختيار بڻائن، خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي ??عليم جي زيور سان ليس ڪرڻ جي حوالي سان خاتون اول ثمينه عارف علوي جي ڪوششن بابت پڻ شرڪت ڪندڙن کي ??گاهه ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان جي قوم جي اندر خير جي ڪم جو جذبو خوبصورتي سان هلي رهيو آهي ان ۾ و??يڪ ماڻهن جي شموليت سان و??يڪ بهتر نتيجا نڪرندا. هن چيو ته بي آءِ ايس پي ۽ احساس پروگرام ذريعي مستحقين جي لاءِ نيوٽريشن پئڪيج بهتر قدم آهي، ان سان ٻارن ۾ غذائي کوٽ سان پيدا ٿيندڙ ڏکيائين ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي. عورتن کي ??ااختيار بڻائڻ جي لاءِ عمل قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هن چيو ته اسلامي معاشري ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جو تصور ئي نه آهي. هن چيو ته بريسٽ ڪينسر تي موثر آگاهي مهم جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، هاڻي عورتون بريسٽ ڪينسر جي پهرين مرحلي ۾ ئي ڊاڪٽرن سان رجوع ڪري رهيون آهن. بهبود ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي صدر عابده ملڪ آجياڻي واري خطاب ۾ چيو ته اسان جي تنظيم عورتن ۽ ٻارن جي ڀلائي تي اڌ صديءَ کان ڪم ڪري رهي آهي، اها غ??رمنافعو ڏيندڙ تنظيم آهي جنهن جو مقصد عورتن کي ??ااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ موذي بيمارين کان به بچائڻ آهي. هن چيو ته اسان جي تنظيم پاران عورتن جي لاءِ انڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو آهي ان سان گڏوگڏ عورتن ۽ ٻارن کي فري آف ڪاسٽ هيلٿ سروسز فراهم ڪرڻ جي لاءِ راولپنڊي ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ اسپتال قائم ڪئي وئي آهي.
ليڊيز هيلٿ ورڪرز ۽ مڊوائف جي ڪردار کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável