اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان ??اجا کي چونڊن بابت مشاورت جي لاءِ 20 فيبروري 2023ع تي ايوان ??در ۾ هنگامي اجلاس جي دعوت ڏني آهي. اليڪشنز ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 57 (1) تحت صدر عام چونڊن جي تاريخ ي?? تاريخن ج?? اعلان ??ليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ??ان مشاورت کانپوءِ ڪندو. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي پنهنجي خط ۾ صدر چيو ته سندس 08 فيبروري جي خط کانپوءِ ان معاملي تي لاهو?? هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۽ سپريم ڪورٽ جي تازي مشاهدن جهڙي ڪجهه اهم اڳڀرائي ٿي آهي. صدر پنهنجي پهرين خط ۾ اليڪشن ڪميشن پاران ??واب نه ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو بي چيني سان ??نتظار ڪري رهيو هو ته ڪميشن پنهنجي آئيني فرض جو احساس ڪندي ۽ ان موجب ڪم ڪندي. هن چيو ته ان ??هم معاملي تي اليڪشن ڪميشن جي افسوسناڪ رويي سان ??نتهائي مايوسي ٿي آهي. پنهنجي خط ۾ صدر چيو ته آئين جي تحفظ ۽ دفاع جي پنهنجي آئيني ذميواري جو احساس ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر کي 20 فيبروري 2023ع تي پنهنجي آفيس ۾ چونڊن تي مشاورت جي لاءِ هنگامي ملاقات جي لاءِ گهرايان ٿو.
صدر پاران چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي چونڊن بابت مشاورت جي لاءِ 20 فيبروري 2023ع تي ايوان صدر ۾ هنگامي اجلاس جي دعوت
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز