اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان عهدو ڇڏيندڙ ڪابينا سيڪريٽري سردار احمد نواز سکيرا ۽ صدر جي پريس سيڪريٽري قمر بشير ايوان صدر ۾ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران صدر عهدو ڇڏيندڙ ڪابينا سيڪريٽري جي پاڪستان حڪومت جي خد??تن کي ساراهيندي انهن ج?? مستقبل جي حوالي سا?? نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر عهدو ڇڏيندڙ صدر جي پريس سيڪريٽري جي حيثيت قمر بشير جي خد??تن کي پڻ ساراهيو ۽ کيس اعزازي شيلڊ پيس ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سردار احمد نواز سکيرا پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جو هڪ آفيسر آهي جنهن 1985ع ۾ سول سروس ۾ شموليت اختيار ڪئي. 16 اپريل 2020ع تي ڪيبنيٽ سيڪريٽري طور فر?? سنڀالڻ کان اڳ هو واپار ۽ ٽيڪسٽائيل واري سيڪريٽري، اطلاعات ۽ نشريات، ب??رڊ آف انويسٽمينٽ ۽ نجڪاري جي عهدي تي مقرر رهيو. پاڪستان حڪومت احمد نواز سکيرا جي خد??تن جو اعتراف ڪندي کيس 14 آگسٽ 2022ع تي عوامي خدمت جي شعبي ۾ ”هلال امتياز“ جي قومي اعزاز سان نوازيو. قمر بشير انفارميشن گروپ جو آفيسر آهي جنهن 1991ع ۾ سول سروس ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. مئي 2022ع ۾ پريس سيڪريٽري طور فر?? سنڀالڻ کان اڳ هو شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، اطلاعات واري وزارت ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ پيرس، فر??نس ۾ پاڪستان جي پريس قونصلر جي عهدي تي فائز رهيو.
صدر سان عهدو ڇڏيندڙ ڪابينا سيڪريٽري سردار احمد نواز سکيرا ۽ صدر جي پريس سيڪريٽري قمر بشير جي جدا جدا ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں