اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان ۽ ڪشمير بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو ??هي ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي تي عالمي راءِ هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ??هي، 27 آڪٽوبر جو ??ين??ن اسان ڪارو ??ين??ن طور ملهائيندا آهيون، تاريخ ۾ اڄوڪي ??ين??ن ڀارت پنهنجي قابض فوج ذريعي ڪشمير تي حملو ڪيو. اهڙو اظهار هن والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غير قانوني والار خلاف ڪاري ??ين??ن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ ڪيو، هن چيو ??ه 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڪشميرين خلاف ظلم ۽ ڏاڍ جي اهڙي داستان شروع ٿي جيڪا اڃان تائين جاري آهي، ڀارت هر ايندڙ ??ين??ن والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ ۾ واڌ ڪئي آهي، قمر زمان ڪائره چيو ??ه ڏهاڪن جي هن سفر ۾ ڪشميرين جي عزم، همت ۽ آزادي جي تڙپ ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي، پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي حاصلات تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.ڪشمير جي آزادي مڪمل ڪرڻ جو ڪيس پاڪستان جي آزادي مڪمل ڪرڻ جو ڪيس آهي، هن چيو ??ه پاڪستان جو ٻچو ٻچو ۽ هر ماڻهو هن ڪيس کي پنهنجي دل جي ويجهو رکي ٿو، ڪشميرين پنهنجي حقن لاءِ رت کان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ڀارت ڪشميرين تي دنيا جي ڏاڍ جا سمورا ه??يار آزمائي چڪو آهي پر هو ڪشميرين جي جذبي کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو. قمر زمان ڪائره چيو ??ه انشاءُ الله اسان جا ڪشميري ڀائر جلد پنهنجي خودمختياري وارو حق حاصل ڪندا ۽ پنهنجي منزل جو فيصلو پاڻ ڪندا، هن چيو ??ه موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي تي عالمي راءِ هموار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ??هي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هن مسئلي کي دنيا جي فورمز تي اڳيان اڳيان رکن ٿا،هن چيو ??ه اسان دنيا جي راءِ عامه کي هموار ڪرڻ ۽ انساني حقن جي ادارن کي جاڳائڻ جي ڪوشش جاري رکنداسين.
ڪشميرين جي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين:قمر زمان ڪائره
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis