اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجلي پهچائيندڙ ڪمپنين جي چيف اي??زيڪيوٽوز کي پنهنجي شهرن ۾ موجود رهڻ ۽ پنهنجي نالن ۽ نمبرز سان عوام جي ??هو??ت ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ آگاهي مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جي د??ري تان واپس اسلام آباد پهچندي ئي سڄي ملڪ ۾ بجلي، رستن ۽ مواصلاتي نظام بابت ايف ڊبليو او ۽ ٻين ادارن جو نقصانن ۽ بنيادي ڍانچي جي بحالي تي جاري ڪم جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس طلب ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ايف ڊبليو او ۽ لاڳاپيل وزارتن جا عملدار شريڪ ٿ??ا. اجلاس کي تازي صورتحال ۽ جاري بحالي جي ڪم تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو پيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : bolão quina