اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اسلامي ترقياتي بئنڪ (آءِ ڊي بي) گروپ جي صدر ڊاڪٽر محمد الحبير چيو آهي ته افغانست??ن جي عوام جي امداد لاءِ اسلامي تعاون تنظيم ۽ امداد ڏيندڙ ملڪن ۽ ادارن کانسواءِ عا??مي برادري جي ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪست??ن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪست??ن جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن اها ڳالهه اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. هن او آءِ سي ملڪن جي وچ ?? واپار ۽ واپاري لنگهن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسلامي ملڪن جي وچ ?? واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر افغانست??ن جي لاءِ هيومنٽرين ٽ??سٽ قائم ڪرڻ جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اهو افغانست??ن جي عوام سان او آءِ سي پاران يڪجهتي جو اظهار آهي، ان فنڊ جي آپريشنل ٿيڻ سان افغانستان ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. اس??ن جي ڪوشش هوندي ته فنڊز جي ذريعي ملندڙ عطين ۽ امداد جو شفاف استعمال يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته افغانست??ن جي عوام جي امداد جو ڪم ڪو اڪيلو ادارو يا ملڪ اڪيلي طور نه ٿو ڪري سگهي، ان ڏس ۾ عا??مي برادري کي افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، اسلامي ترقياتي بئنڪ گذريل ڊسمبر کان مسلسل ٻطرفي ترقياتي حصيدارن ۽ امداد ڏيندڙ ملڪن ۽ ادارن سان ان ڏس ۾ مشاورت ڪري رهي آهي. هن چيو ته افغانست??ن جي لاءِ هيومنٽرين ٽ??سٽ فنڊ تحت افغانست??ن جي ڳوٺاڻن علائقن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو ڇو ته 75 سيڪڙو افغان ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهن ٿا. ڳوٺاڻن ۾ علائقن ۾ زرعي پيداوار ۾ اضافي، ڇوڪرين جي تعليم، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ بجلي ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جي فراهمي کي ترجيح ڏني ويندي. اهڙي طرح افغانستان ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امدادي ڪمن ۾ نجي شعبي جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا ويندا. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر چيو ته افغانست??ن جي عوام جي امداد لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن، عا??مي امدادي ۽ ترقياتي ادارن ۽ عا??مي برادري کي اڳتي وڌڻو پوندو. اسلامي ترقياتي بئنڪ سمورن حصيدارن ۽ عا??مي برادري سان گڏجي افغانست??ن جي عوام جي امداد لاءِ پرعزم آهي. هن افغانست??ن جي لاءِ هيومنٽرين ٽ??سٽ فنڊ ۽ اسلامي ڪانفرنس تنظيم جي وزارتي اجلاس جي ميزباني تي پاڪست??ن جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏيان ٿو: اسلامي ترقياتي بئنڪ جو صدر
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا