اسلام آ??اد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پاڪست??ن جي صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي خواهشمند ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڊاڪٽرن جي سهولت لاءِ سيڙپڪاري بورڊ ۾ ڊيسڪ قائم ڪئي وڃي، ايسوسيئيشن آف فزيشن آف پاڪستاني اوريجن آف نارٿ آمريڪا (اي پي پي اين اي) کي وزيراعظم جي قومي صحت ٽاسڪ فورس ۾ مناسب نمائندگي ڏئي ان شعبي ۾ ??ن جي اڻ ڳڻين مهارتن ما?? فائدو حاصل ڪيو وڃي. وزيراع??م عمران خان سان ايسوسيئيشن آف فزيشن آف پاڪستاني اوريجن آف نارٿ آمريڪا (اي پي پي اين اي) جي وف?? هتي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعطم چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرن کي پاڪستان ۾ معياري صحت جي نظام جي فراهمي لاءِ وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم اتر آمريڪا جي صحت جي شعبي ۾ اي پي پي اين اي جي خدمتن کي ساراهيندي ان تي زور ڏنو ته هو پاڪستان ۾ جديد ترين طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ وڌ کان وڌ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي طاقت جو استعمال ڪن. اي پي پي اين اي جي صدر ڊاڪٽر رضوان خالد ڪووڊ – 19 کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جي نمايان ڪامابين تي وزيراعظم کي مبارڪ??اد ڏني، هن ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ سان گڏوگڏ ??ن جي سهولتن لاءِ پاور آف اٽارني جي لاءِ آن لائين سسٽم قائم ڪرڻ تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو. هن وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته هو پاڪستان ۾ نه رڳو خيراتي ۽ فلاحي منصوبن ۾ پر صحت جي شعبي ۾ موثر پاليسي سازي ۾ به پنهنجو حصو وجهندا، هنن چيو ته انهن کي ان سلسلي ۾ سرڪاري تعاون ۽ سهولت جي ضرورت آهي، وزيراعظم ان موقعي تي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو اي پي پي اين اي کي وزيراعظم جي قومي صحت ٽاسڪ فورس ۾ مناسب نمائندگي ڏئي ڪري ان شعبي ۾ ??ن جي اڻ ڳڻي مهارت ما?? فائدو حاصل ڪن، وزيراعظم پاڪست??ن جي صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي خواهشمند ٻاهرين ملڪ پاڪستاني ڊاڪٽرن جي سهولت لاءِ سيڙپڪاري بورڊ ۾ هڪ مخصوص ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، ملاقات ۾ وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان به شامل هو.
وزيراعظم پاران ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڊاڪٽرن جي سهولت لاءِ سيڙپڪاري بورڊ ۾ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری