اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي آرڪائيوز جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ تحفظ جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته قومي ۽ تاريخي اهميت جي رڪارڊ ۽ دستاويزن کي خاص طور تي محفوظ بڻايو وڃ?? جڏهن ته آرڪائيوز جي موثر انتظام جي سلسلي ۾ رهنمائي جي فراهمي جي لاءِ ڪابينا ڊويزن ايڊوائيزري بورڊ جوڙي. هو نيشنل آرڪائيوز آف پاڪستان جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل آرڪائيوز بهتر ۽ جديد بڻائڻ جي لاءِ پي سي ون جي منظوري ڏ??ي وئي آهي. حڪومتي ۽ تاريخي رڪارڊ جي 40 لک ??فح?? کي ڊيجيٽل ۽ 30000 خستا دستاويزن کي محفوظ بڻايو ويندو. ان موقعي تي صدر هدايت ڪئي ته تاريخي رڪارڊ جي تحفظ جي عمل کي جلد کان جلد لاڳو ڪيو وڃ??. هن چيو ته دستاويز قوم جو قيمتي اثاثو آهن، جن کي ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ ۽ ڊيجيٽل بڻائڻ جي ضرورت آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گزٽ، مغليه دور جي شاهي حڪمن ۽ آزادي کان اڳ ۽ بعد جا ٻيا اهم دستاويز محفوظ ڪيا وڃ??.
قومي ۽ تاريخي اهميت جي رڪارڊ ۽ دستاويزن کي خاص طور تي محفوظ بڻايو وڃي: صدر
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج