اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خا?? مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب موت جي شرح ۾ اضافو ڳڻتي جوڳو آ??ي، جيڪڏهن ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني نه بڻايو ويو ته صورتحال وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندي، حڪومت طرفان وبا جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن تي مطئمن آهيان پر عوام کي اپيل آهي ته هو حالتن جي نزاڪت کي سمجهي ۽ احتياط ڪري. نجي ٽي وي چيئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪورونا جي بگڙجندڙ صورتحال جي ڪري موسم ۽ رهڻي ڪهڻي فيڪٽرز آهن، جيڪڏهن ??اڻ??و احتياط ڪن ته ڪورونا خلاف جنگ تيزي سان کٽي سگهجي ٿي، ٻي صورت ۾ حڪومت سخت فيصلا ڪرڻ تي مجبور ٿيندي.
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل