اسلام آب??د – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سڄي ملڪ ۾ 110 ارب رپين جي لاڳت سان 39 جديد اسپتالون تعمير ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف کي وزيراعظم هائوس ۾ ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ وزيراعظم جي عوامي صحت جي بهتر ڍانچي جي قدمن بابت ٺوس بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي آب??دي، اسپتالن ۾ بسترن جي شرح ۽ مريضن جي لاءِ سهولتن جي دستيابي جي ??س ۾ ملڪ ۾ عوامي صحت جي بنيادي سهولتن بابت ٻڌايو ويو. ا??لا?? کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هڪ هزار ماڻهن جي لاءِ بسترن جي شرح 1970ع ۾ 0:5، 2005ع ۾ 0:7، 2015ع ۾ 0:61 هئي جڏ??ن ته 2016ع ۾ 0:62 آهي. وزيراعظم اسلام آب??د ۾ 6، 6 سئو بسترن جي گنجائش وارين اسپتالن جي تعمير کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ 500 بسترن جي 10 ۽ 250 بسترن جي 20 اسپتالن جي منظوري ڏني.
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا