واشنگٽن – 18 آڪتوبر (اي پي پي) عالمي مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن ڀارت کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي مذهبي عدم برداشت جي واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آ??ي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق عالمي مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آ??ي ته بي جي پي جي اقتدار واري دور ۾ ڀا??ت ۾ مذهبي مت ڀيد جي پاليسين کي هٿي ملي. مذهبي اقليتن ۽ سندن حامين جو آ??از دٻايو پئي وڃي ۽ انهن جون زندگيون مشڪل ڪيون پيون وڃن. مودي سرڪار جي اقليتن خلاف پرتشدد قدمن سبب مسلمانن، عيسائين، سکن، دلتن ۽ قبائلين تي ناڪاري اثر پئجي رهيا ??هن.رپورٽ مطابق بي جي پي جي حڪومتي دور ۾ مذهبي اقليتن تي حملن ۾ اضافو ٿيو آ??ي ۽ مسجدن سميت اقليتن جي عبادتگاهن کي ڊاهيو ويو آ??ي. مودي سرڪار جي جابراڻين پاليسين سبب اقليتن کي ملڪيتن کان محروم ڪيو پيو وڃي جنهن سبب بهار، اتر پرديش، دهلي ۽ ٻين شهرن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين مذهبي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آ??ي. رپورٽ ۾ چيو ويو آ??ي ته ٻين اقليتن وانگر مسلمانن کي شهريت ترميمي ايڪٽ ۽ اين آر سي جهڙن قدمن سان پوئتي ڌڪڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جنهن سبب آسام ۾ 7 لک مسلمانن جي شهريت کي خطرو آ??ي. آمريڪي ڪميشن رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ اقليتن جي حوالي سان مذهبي آزادي بابت قدمن کي ساراهيو آ??ي. رپورٽ ۾ چيو ويو آ??ي ته پاڪستان ۾ وقت سر ۽ اثرائتن قدمن سبب مذهبي اقليتن جي آزادي ۾ اضافو ٿي رهيو آ??ي. مذهبي آزادي لاءِ ڪرتارپور راهداري، سياسي ميدان م وڌيڪ نمائندگي ۽ قانوني تحفظ جهڙيون اهم ڪوششون تحسين جوڳيون ??هن.
مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن ڀارت کي ڳڻتي جوڳو ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ