واشنگٽن -23 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ملڪ ۾ هلندڙ سال نومبر ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ هارائڻ جي صورت ۾ هن ان ب??د سال 2028?? جي چونڊن ۾ ٻيهر حصو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن م??ابق آمريڪي نيوز پروگرام فل ميجر ۾ ريپبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن هو هلندڙ سال ٿيندڙ اليڪشن ۾ هارائي ويو ته ڇا هو ٻيهر چونڊن ۾ حصو وٺندو؟ جنهن تي 78 سالن جي اڳوڻي صدر جواب ڏنو ته نه آئون حصو نه وٺندس، مون کي ايئن نظر نه پيو اچي. سندس چوڻ هو ته 5 نومبر تي صدارتي چونڊن جي ڏينهن ڪاميابي ٿيڻ جي ڀرپور اميد آهي.
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن