واشنگٽن- 08 جون (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن اسرائيل- فلسطين وچ ۾ جنگ ب??دي لاءِ ڳالهين کي اڳتي ??ڌائڻ جي سلسلي ۾ ايندڙ هفتي ??چ اوڀر جو دورو ڪندو. اردو نيوز آمريڪي پرڏيهي کاتي جي حوالي سان ٻڌايو ته انٽوني بلنڪن سومر کان اربع دوران اسرائيل ۽ اهم عرب شراڪتدار عرب ملڪن مصر، شام، اردن ۽ قطر جو دورو ڪندو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيوملر بيان ۾ چيو ته دوري دوران آمريڪي پرڏيهي وزي?? جنگ ب??دي جي تجويز سان اسرائيل ۽ فلسطين کي ڪهڙو فائدو ملندو تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. انٽوني بلنڪن ان ڳالهه تي زور ڏيندو ته ان جنگ ب??دي سان غزه ۾ مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي، انساني امداد ۾ وڏي پيماني تي اضافو ٿيندو ۽ فلسطين کي پنهنجي پاڙيسري ۾ واپس وڃڻ جي اجازت ملندي. ياد رهي ته ست آڪٽوبر تي شروع ٿيل ان جنگ ب??دي بع?? انٽوني بلنڪن جو ان خطي جو اهو ستون دورو آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير ايندڙ هفتي وچ اوڀر جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی