مڪو شريف- 02 جون (اي پي پي)سعودي عرب جي اسلامي معاملن واري وزير شيخ ڊاڪٽر عبداللطيف آل الشيخ چيو آهي ته حاجي سڳورن جي خدمتن ۾ ڪوتاهي ڪندڙ ڪنهن به اهلڪار سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. سعودي اخبار موجب هن منيٰ، مزدلفه ۽ عرفات جي دوري جي موقعي تي جاري بيان ۾ چيو ته حج سيزن دوران ??مورن اهلڪارن جي ڪارڪردگي تي نظر رکڻ لاءِ نگران ٽيمون مقر?? ڪيون ويون آهن جيڪي 24 ڪلاڪ ڊيوٽي تي آهن ۽ آخ??ي حاجي جي روانگي تائين نگراني جاري رکي ويندي. هن پنهنجي دوري جي شروعات عرفات جي مسجد نمره، اتان کان وزارت جي صدر آفيس ۽ دعوڪيبنز کان ڪيو، هن مزدلفه ۾ مسجد المشعر الحرام جا انتظام ڏٺا، هن منيٰ ۾ مسجد الخيف جو به دورو ڪيو. هن چيو ته مڪي شريف ۾ اصلاح ۽ مرمت جو ڪم 100 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي. اسلامي معاملن واري وزير چيو ته اسان ??ي وزارت حاجين کي انهن جي پنهنجي ٻولي ۾ دين ۽ حج معاملن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ ٻيڻي تعداد ۾ مبلغ ۽ ترجمو ڪندڙ مقر?? ڪيا آهن جنهن ۾ عورتون به شامل آهن. وزارت ٽيليفون ذريعي 32 ملين آگاهي پروگرامن جي به منظوري ڏني جڏهن ته ايس اي?? ايس ذريعي به دعوتي پيغام ڏنا پيا وڃن.
حاجي سڳورن جي خدمتن ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي: اسلامي معاملن وارو وزير
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری