بيروت – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل جي جنگي جهازن ڏکڻ لبنان تي وڏي پيماني تي شديد حملا ڪيا آهن، اهي حملا ان وقت شروع ٿيا ??ڏه?? حزب الله جي سربراهه حسن نصر الله پنهنجي خطاب ۾ لبنان ۾ اليڪٽرانڪ مادن جي ڌماڪن ۾ درجنين فوتگين ۽ هزارين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪري رهيو هو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اسرائيل جي فضائي حملن ۾ ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي راڪيٽ لانچرز، هٿيارن جي ذخيرن ۽ ٻين ٺڪاڻن سميت هڪ سو کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻ??يو ويو آهي. اهي حملا ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيا جيڪي گذريل سال آڪٽوبر ۾ غزه جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ شديد ترين هئا. انهن حملن سبب نقصانن جو فوري طور تي ڪو اطلاع ناهي مليو. لبنان جي سرڪاري خابرو اداري چيو آهي ته اسرائيل خميس جي شام ملڪ جي ڏکڻ ۾ گهٽ ۾ گ??ٽ 52 حملا ڪيا ۽ لبنان اتر اسرائيل ۾ فوجي ٺڪاڻن تي به حملا ڪيا آهن.
اسرائيلي جنگي جهازن پاران ڏکڻ لبنان تي شديد حملا
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ