دبئي-08 آگسٽ (اي پي پي) گڏ??ل عرب امارتن پاڪست??ن جي 77 هين آزادي واري ڏهاڙي جي سلسلي ۾ 11 آگسٽ تي دبئي ۾ شاندار تقريب منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. گڏ??ل عرب امارتن ج?? نيوز ايجنسي وام موجب اها تقريب دبئي ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۾ منعقد ٿيندي جنهن ۾ اٽڪل 10 هزار ماڻهو شرڪت ڪندا. تقريب ۾ گڏ??ل عرب امارتن ج?? رواداري ۽ گڏيل بقاءَ وارو وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان ۽ گڏ??ل عرب امارتن ۾ پاڪست??ن جو سفير فيصل نياز ترمذي سان گڏوگڏ پاڪستاني برادري جا نمائندا ۽ اهم شخصيتون به شرڪت ڪنديون. اها تقريب امارات پاڪستان سان محبت ڪري ٿو، جي پيج جي اهتمام هيٺ ٿيندي. رپورٽ موجب پاڪستان ايسوسيئيشن دبئي، دبئي پو??يس ۽ دبئي ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي تعاون سان منعقد اها تقريب گڏ??ل عرب امارتن ۽ پ??ڪستان وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ گهري لاڳاپن کي اجاگر ڪري ٿي. تقريب ۾ ثقافتي پرفارمنس، ميوزيڪل شوز ۽ روايتي سرگرميون شامل هونديون ج??ڪي گڏ??ل عرب امارتن ج?? ترقي ۾ پاڪستاني برادري جي ڀرپور ورثي ۽ حصيداري جي عڪاسي ڪنديون. اها تقريب گڏ??ل عرب امارتن ج?? عالمي تعاون ۽ رواداري کي هٿي ڏيڻ ۽ هم آهنگي تي ٻڌل ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوششن ج?? حصو آهي ته جيئن هتي مختلف ثقافتن سان تعلق رکندڙ پرامن طريقي سان هڪٻئي سان رهي سگهن. گڏ??ل عرب امارتن ۽ پ??ڪستان وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن، جن ج?? بنياد امارات جي باني اڳواڻ شيخ زيد بن سلطان النهيان مرحوم 1971ع ۾ رکيو هو. اڄ ٻئي ڀائر مسلمان ملڪن جا گڏيل لاڳاپا پهرين کان وڌيڪ مضبوط آهن ج?? کي اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ وڌندڙ اقتصادي تعاون سان هٿي ملي رهي آهي، گڏ??ل عرب امارات پاڪست??ن جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سڀ کان وڏو سيڙپڪاري آهي، جنهن تازو ئي پاڪست??ن جي معاشي شعبن ۾ 10 ارب ڊالرن ج?? سيڙپڪاري جو واعدو ڪيو آهن.
گڏيل عرب امارتن پاران پاڪستان جي آزادي واري ڏهاڙي جي سلسلي ۾ 11 آگسٽ تي دبئي ۾ شاندار تقريب منعقد ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک