اسلام آباد -10 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جاري مالي سال دوران سڄي دنيا ۾ اقتصادي اوسر جي شرح 2.9 سي??ڙو تائين رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اها ڳالهه آءِ ايم ايف طرفان جاري 2023ع جي اقتصادي منظرنامي جي عنوان سان هڪ رپورٽ ۾ ڪئي آهي. رپورٽ مطابق 2022ع ۾ عالمي اقتصادي اوسر جي شرح 3.5، 2023ع ۾ 3 سي??ڙو ۽ 2024ع ۾ 2.9 سي??ڙو رهڻ جو امڪان آهي. اسريل م??يش??ن ۾ مالي سال 2024ع دوران اقتصادي اوسر جي شرح 1.4 سي??ڙو رهڻ جو امڪان آهي. گذريل سال ڄاڻايل م??يش??ن ۾ اقتصادي اوسر جي شرح 1.5 سي??ڙو ۽ 2022ع ۾ 2.6 سي??ڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. اڀرندڙ ۽ اسريل م??يش??ن ۾ جاري مالي سال دوران اقتصادي اوسر جي شرح 4 سي??ڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل م??يش??ن ۾ گذريل مالي سال دوران اقتصادي اوسر جي شرح 4 سي??ڙو ۽ 2022ع ۾ 4.1 سي??ڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. آءِ ايم ايف جي ايم ڊي چيو ته معاشي طور تي ڪمزور ملڪن ۽ م??يش??ن کي ترقي جي سمر مان لاڀ کڻڻ لاءِ قدم کڻڻ ضروري آهن. آءِ ايم ايف موجب مالي سال 2024ع ۾ آمريڪا جي اوسر جي شرح 1.5 سيڪڙو، جرمني 0.9 سيڪڙو، فرانس 1.3 سيڪڙو، اٽلي 0.7 سيڪڙو، اسپين 1.7 سيڪڙو، ڪينيڊا 1.6 سيڪڙو، چين 4.2 سيڪڙو، ڀارت 6.3 سيڪڙو، روس 1.1 سيڪڙو، برازيل 1.5 سيڪڙو، مراڪش 6.3 سيڪڙو، سعودي عرب 4 سيڪڙو، نائيجيريا 3.1 سي??ڙو ۽ ڏکڻ آفريقا جي اقتصادي اوسر جي شرح 1.8 سي??ڙو رهڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ مطابق جاري مالي سال ۾ عالمي سطح تي ناڻي واڌ جي شرح 4.8 سي??ڙو سراسري طور رهندي جيڪا 2022ع ۾ 9.2 سي??ڙو ۽ 2023ع ۾ 5.9 سي??ڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي.
آءِ ايم ايف طرفان هلندڙ سال دوران سڄي دنيا ۾ اقتصادي اوسر جي شرح 2.9 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز