اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ??ين آر او جو سهارو چور وٺندا آهن، اسان ڪو ڌاڙو ناهي هنيو، مسلم ليگ (ن) حڪومتي نظ??م وڏي صاف ۽ شفاف انداز ۾ هلايو آهي اسان کي ڪنهن اين آر او جي ڪا ضرورت نه آهي، گاريون ڏي??دڙن سان ڪهڙيون سياسي ڳالهيون ڪيون وڃن؟ انهن سان ڳالهيون ايندڙ چونڊن جي موقعي تي ئي ٿينديون. هن اهڙن خيالن جو اظهار پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي سان ملاقات دوران ڪيو جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پي آر اي جي آجيان ڪندي چيو ته ??خبارن ۾ شايع ٿيندڙ پارليامينٽ جي ڊائري اڃا به اسان جي تڪن ۾ وڏو اثر رکي ٿي ۽ وڏي دلچسپي سان پڙهي وڃي ٿي. سياسي ڳاله ٻولهه ۽ ڳالهين جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ??يڪي ماڻهو پارليامينٽ تي لعنت وجهي ره??ا آهن انهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون وڃن؟ هر سياسي پارٽي پنهنجي طور تي ان ڳالهه لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ته ??ها ڪهڙي طرح ايندڙ چونڊن ۾ عوام کي پنهنجي طرف راغب ڪري سگهي.
مسلم ليگ (ن) حڪومتي نظام شفاف انداز ۾ هلايو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل