راولپنڊي – 13 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڏکويل انسانيت جي خدمت جي لاءِ ميڊيڪل پريڪٽيشنرز جو ڪردار وڏي اهميت وارو آهي جن کي ان مقدس پيشي ۾ بنيادي انساني قدرن کي سدائين س??بلند رکڻ گهرجي. سرجن جنرل جي سالياني ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته ڊاڪٽر پنهنجي لاڳاپيل پيشي ۾ بهتر انداز ۾ خدمتون س??انجام ڏين جيڪي طبي مهارت سان پوري طرح ل??س هجن ۽ انهن کي ڏکويل انسانيت جي موثر خدمت جو معقول معاوضو ملڻ گهرجي. صدر چيو ته دنيا ۾ ڪيترن ئي چئلينجن جي باوجود ڊاڪٽرن جي بنيادي ڪردار ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي جڏهن ته تا??ن س??لن ۾ معا??ي ۽ ٽيڪنالاجي شعبن ۾ تيز رفتار ترقي جي نتيجي ۾ رجحانن ۽ روين ۾ تبديلي آئي آهي جنهن س??ن ڊاڪٽر ۽ مريض جي تعلق تي اثر پيو آهي.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا