غزه-02 جنوري (اي پي پي) غزه ۾ بي گهر ماڻهن جي خيمه بست?? تي اسرائيلي بمباريءَ جي نتيجي ۾ غزه جي پوليس چيف سميت 11 فلسطيني شهيد ۽ 15 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب غزه جي سول ڊفينس ايجنسي جي ترجمان محمود بسال ٻُڌايو ته قابض اسرائيلي فوج رات دير سان غزه پٽي جي شهر خان يونس جي علائقي المواسي ۾ خيمه بست?? تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 11 ماڻهو شهيد ٿي ويا، جن ۾ 3 ٻار ۽ 2 عورتون به شا??ل آهن ۽ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ترجمان ٻُڌايو ته شهيد ٿيلن ۾ پوليس چيف محمود صلاح ۽ سندس نائب حسام شاهوان به شا??ل آهي. هڪ ڌار بيان ۾ غزه جي گهرو وزارت 2 پوليس اهلڪارن جي شهادت جي مذمت ڪئي آهي. وزارت وڌيڪ چيو ته پوليس فورس هڪ سول پروٽيڪشن فورس آهي جيڪا شهرين کي خدمتن فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري ٿي.
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria