پيانگ يانگ-31 آڪٽوبر (اي پي پي) اُتر ڪوريا بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل جو تجربو ڪيو آهي. ٻئي طرف آمريڪا ان تجربي جي مذمت ڪندي اُتر ڪوريا تي زور ڀريو آهي ته هو و??يڪ غير قانوني ۽ عدم استحڪام پيدا ڪندڙ ڪاررواين کان پاسو ڪري. پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان جي دفاع واري وزير جنرل نڪاتاني چيو آهي ته ميزائل اوڪوشيري ٻيٽ جي اولهه ۾ تقريبن 300 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڪِريو آهي. هن و??يڪ چيو ته هي اُتر ڪوريا طرفان لانچ ڪيل هاڻي تائين ڪنهن به ميزائل جي ڊگهي ترين اُڏام آهي. ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان جي عملدارن اُڏام جي وقت جو ڪاٿو 87 منٽ لڳايو جنهن دوران هي ميزائل هڪ هز??ر ڪلوميٽر اُفق تي اُڏام ڪندي 7 هز??ر ڪلوميٽرن جي بلنديءَ تائين پهتو. اُتر ڪوريا جي سرڪاري خابرو ا??جن??ي موجب دفاع واري وزارت جي ترجمان ڪالهه جاري بيان ۾ ان تجربي کي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته هي تجربو اُتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ جي حڪمن تي ڪيو ويو آهي. ترجمان و??يڪ چيو ته ميزائل لانچ ڪرڻ اُتر ڪوريا جي اسٽريٽجڪ ميزائل صلاحيت جي هاڻوڪي رڪارڊ کي بهتر بڻايو آهي ۽ اهو اُتر ڪوريا جو دنيا جي سڀ کان طاقتور اسٽريٽجڪ ڊيٽرنٽ جي جدت ۽ ساک جو اظهار آهي. ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف اُتر ڪوريا جي ميزائل تجربي جي تصديق ڪندي چيو ته ميزائل لانچ ڪرڻ کانپوءِ تيز رفتاري سان هڪ هز??ر ڪلوميٽر اُفقي ۽ 7 هز??ر ڪلوميٽر عمودي سفر ڪيو جيڪا هاڻي تائين اُتر ڪوريا طرفان فائر ڪيل ڪنهن به ميزائل جي ڊگهي ترين اُڏام آهي. آمريڪا جي انڊو پيسفڪ ڪمانڊ ان تجربي جي مذمت ڪندي اُتر ڪوريا تي زور ڀريو ته هو و??يڪ غير قانوني ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ اهڙين ڪاررواين کان پاسو ڪري. اُتر ڪوريا ان قسم جو آخري تجربو ڊسمبر 2023ع ۾ ڪيو هو، جڏهن ان جو فائر ڪيل ميزائل 72 منٽن جي اُڏام دوران تقريبن هڪ هز??ر ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪيو هو.
اُتر ڪوريا پاران 7 هزار ڪلوميٽرن جي بلنديءَ تائين پهچندڙ بين البراعظمي بيليسٽڪ ميزائل جو تجربو
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل