برسلز -05 آگسٽ (اي پي پي) ??يل??يئم جي گادي واري ش??ر برسلز ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ يوم استحصال ڪشمير ملهايو ويو. تقريب ۾ يورپي يونين، ??يل??يئم ۽ لگزمبرگ لاءِ پ??ڪستان جي سفير آمنه بلوچ ۽ ڪشمير ڪائونسل يورپي يونين جي چيئرمين علي رضا سيد خطاب ڪيو جڏهن ته صدر مملڪت، ??زي??اعظم ۽ اڳوڻي وفاقي ??زي?? مشاهد حسين سيد جا پيغام ٻڌايا ويا. يورپي يونين ، ??يل??يئم ۽ لگزمبرگ ۾ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ يوم استحصال ڪشمير جي اهميت تي زور ڀريندي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي اخلاقي ۽ قانوني ذميوارين کي پورو ڪري. پاڪستاني سفير ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد لاءِ پ??ڪستان جي ثابت قدم سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي صدر پاڪستان آصف علي زرداري، ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب ??زي??اعظم محمد اسحاق ڊار جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا، جن ۾ ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جي اڻ ٽٽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳوڻي وفاقي ??زي?? مشاهد حسين سيد جو رڪارڊ ڪيل پيغام به ٻڌايو ويو جنهن ۾ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ عالمي برادري جي ذميوارين کي اجاگر ڪيو ويو.
برسلز ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ يوم استحصال ڪشمير جي تقريب منعقد
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون